چورين ۽ ڦرن خلاف شهرين جو احتجاج، پوليس تماشائي بڻيل

ميرپور ماٿيلو (ن سنڌيار)جروار ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. هندو پئنچات جي سڏ تي وڪي ڪمار ڍوليا ڪيلاش راء  پنڪج لعل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڏيوري صاحب کان مين چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو , احتجاج ڪندڙڻ جو چوڻ هو ته جروار جو امن ٻيهر خراب ٿي رهيو آھي روزانو ڦر ۽چوري جون وارداتون ٿي رهيون آھن اهو ڏينهن خالي ناهي جو ڦر جي واردات نه ٿئي. جروار شھر مان سونارن جي گهرن مان لکين روپين جي چوري شمن ميگهواڙ جي گهران چوري ۽پنڪج ڪمار کان موٽر ڦر ٿي ويئي پر جروار پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي ,احتجاج ڪندڙن چيو ته شھر مان ٿيل چوريون ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل پوليس واپس نه ڪرايا  ۽ ايس ايڇ او کي فوري طور نه ھٽايو ويو ته ٻي صورت هڙتال جو سڏ ڏينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو