چورين جو آزار مدرسي جون سولر پليٽون چوري

سرحد(غلام عباس مهر)آسپاس جي ڳوٺن ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي. سرحد ريلوي اسٽيشن روٽ ڀرسان واقع مدرسي مان چور سولر پليٽ چوري ڪري ويا، مدرسي جي مولوي منير احمد گولو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چار ڏينهن پهريان پوليس پڪٽ هٽائي وئي آهي جيڪا لنڊي واهه جي پل تي قائم ٿيل هئي، لنڊي واهه جي پل کي چار رستا لڳن ٿا جتي پوليس جي چوڪي جي ضرورت آهي ۽ ان جي آسپاس آبادي پڻ گھڻي آهي، چوري جي فرياد سرحد ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي ليڪن هن مهل تائين سرحد پوليس واقع واري هنڌ نه آئي آهي، اسين ايس ايس پي گھوٽڪي ڊاڪٽر فرخ لنجار ۽ ڊي ايس پي گھوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ کان مطالبو ڪريون ٿا ته پوليس چوڪي ٻيهر پل تي قائم ڪئي وڃي ۽ چوري ٿيل سولر پليٽ جو تدارڪ ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو