چورن هٿان قتل ٿيل 4 ڀاڳين جي ڪيس ۾ 15 شڪي گرفتار

پيرجوڳوٺ (ن س)چوري دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ڳوٺاڻن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .مقتولن جي وارثن وٽ اي ايس پي سٽي خيرپور سعد ارشد تڏي تي پهتو ۽ فاتحه ڪئي. جوابدارن کي جلد گرفتارڪنداسين . گذريل رات فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ کولرا ۾ ڳوٺاڻي خالق ڏنو جي گهرمان نامعلوم هٿياربندن پاران چوپايو مال ۽ دوڪان مان چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿان مارجي ويل چئين مقتولن عبدالخالق عرف خالق ڏنو . سندس پٽ شاهد علي . امجد علي ۽ سندس ڀاءُ علي ڏنو عباسي جو قتل ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هوڏانهن اي ايس پي خيرپور سعد ارشد . ايس ايڇ او فيض محمد ٻنڊو ڄاڻايل چئين مقولن جي وارثن وٽ ڪوٽ ميرمحمد واري علائقي ڳوٺ کولرا ۾ مقتولن جي تڏي تي پهچي سندن  وارثن سان عذرخواهي ڪئي. اي ايس پي خيرپو سعد ارشد مقتولن جي وارثن سان دعا گهرڻ بعد پوليس نفري ساڻ ڪري فيض محمد ٻنڊو جي ڪچي واري علائقي ۾  ڳوٺ عيدن ناريجو . سميت خروس برادري جي ڳوٺن تي چڙهائيون ڪري 15 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ضلعي خيرپورجي مختلف ٿاڻن ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو