چورن سان مزاحمت تي ڀاڳيو قتل، عورت سميت 3 زخمي

ڪشمور(جي ايم کوسو) ڪچي جي ڳوٺ حاجن چاچڙ ۾ نامعلوم هٿياربند چورن نياز احمد چاچڙ جي گھر ۾ گھڙي چوپايو مال چوري ڪري رهيا هئا ته گھر ڌڻي سڄاڳ ٿي چورن کي للڪاريو جنھن تي چورن مٿن ڪلاشنڪوف جا برسٽ ھڻي کين ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو۔ جڏھن ته ھڪ عورت سميت 3 ڄڻا محبوب چاچڙ، اياز، عورت مسمات زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال ڪشمور ۾ آندو ويو جڏھن ته وڌيڪ علاج لاءِ رحيم يار خان موڪليو ويو. ٻئي طرف ڪشمور پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڪشمور آندو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو