چنگيز سان تعزيت، سنڌ بلوچستان پاڻي معاملي تي اجلاس طلب

ڪراچي( باغي ساگر پنھوار )پاڪستان پيپلزپارٽي بلوچستان جي صدر چنگيزخان جمالي جي سنڌ جي وڏي وزير سان وزير اعلي ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. جتي پ پ بلوچستان جي صدر جي وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاھ سان بلوچستان جي اھم  مئسلن تي ڳالھ ٻول ٿي، بلوچستان ۾ نهري پاڻي جي کوٽ وري معاملي تي مراد علي شاهه فون تي بلوچستان جي وڏي وزير قدوس بزنجو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ٻنهي وفدن جي سطح تي پاڻي معاملي تي ڊسمبر ۾ ملاقات تي اتفاق ڪيو.

PPP Baluchistan President meets CM Sindh

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چنگيز خان جمالي کي بلوچستان جي مئسلن جي حل ۾ مدد جي خاطري ڪرائي. مراد علي شاهه چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جو عوام پاڻ ۾ ڀائر آهن. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير چنگيز خان جمالي جي ڪراچي واري گهر تي وڃي سندس والده جي وفات تي عذر خواهي به ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو