چنڊ نظراچي ويو پهريون روزر اڱاري تي ٿيندو، حڪومتي اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ رمضان شريف جو چنڊ سومر تي نظر اچي ويو آهي ۽ پهريون روزو 7 مئي اڱاري تي رکيو ويندو، رمضان شريف جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ مفتي منيب الرحمان جي سربراهي ۾ آچر تي به ٿيو هو پر آچر تي چنڊ نظر نه آيو هو پر ان جي باوجود به خيبرپختونخواه جي ڪجهه شهرن م روزو رکيو ويو. ان کانسواءِ اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس به ٿيا ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ چنڊ ڏسن جي شاهدي نه ملي، تنهنڪري پهريون روزو 7 مئي اڱاري تي رکيو ويندو. چنڊ ڏسني ڪاميٽي جي اهڙي متفقه فيصلي بعد مذهبي معاملن جي وزارت پڻ ان ڏس ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير فواد چڌري جو چوڻ آهي ته سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي ته هو 10 سالن جو ڪيلينڊر ڏئي سگهن ٿا ۽ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ختم ڪري سائنس تي ڀاڙڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي مولوي نه پر ٽيڪنالوجي چنڊ جو فيصلو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو