چنڊ تي پلاٽنگ شروع، ڪير ڪير پلاٽ وٺي سگهي ٿو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)جڏھن پھريون ڀيرو زمين کان نڪري انسان چنڊ تي قدم رکيو، تڏھن زمين تي رھندڙن لاء ھي ھڪ ناقابلِ يقين عمل ھو پر ھاڻي تقريبن پنجاھ سالن کان پوء ٻن پاڪستانين چنڊ تي زمين خريد ڪري ورتي آھي۔ لاھور جي ازرام علي گذريل سال چنڊ تي پنج ايڪڙ زمين ورتي ھئي۔ ڪجھ وقت پھريان ئي ھن کي چنڊ جي زمين واري ملڪيت جا ڪاغذ به مليا آھن، انھن ڪاغذن ۾ چنڊ جي زمين جو کاتو، سيٽلائيٽ تصوير ۽ ان مخصوص جگهه جي باري ۾ معلومات لکيل آھي۔ ان کان پھريان راولپنڊي جي رھائشي صهيب احمد چنڊ جي ان ئي علائقي  ۾ ھڪ ايڪڙ زمين خريد ڪري پنھنجي زال کي تحفي ۾ ڏني ھئي۔

Photo Facebook

انھن ٻنھي پاڪستانين جي زمين چنڊ جي علائقي ” سي آف ويپرز” ڀرسان موجود آھي۔ ان علائقي ۾ في ايڪڙ قيمت سڀ کان گھٽ آھي، پر وڪڻڻ وارن جي مطابق ھن جگھ جي لوڪيشن پرائم ۽ نظارا حيران ڪندڙ آھن۔ چنڊ جي زمين تان نظر ايندڙ حصي جي تقريبن وچ واري طرف واقع 40 ڪلو ميٽر ڊگھو کڏو جنھن کي “ڪريٽر مينيليئس” چون ٿا، اھو کڏو انھن جي زمين جي ڀرسان آھي۔ ازرام علي ۽ صهيب احمد جا پلاٽ سي آف ويپرز جي جنھن جگھ جي ڀرسان موجود آھن ان جگھ کان تقريبن 600 ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر جي طرف اھا جگھ موجود آھي، جتي انسان سن 1969ع ۾ پھريون ڀيرو چنڊ تي قدم رکيو ھو۔ انھن جي زمين جي ڀرسان ڍنڍ ‘ڊولورس’ ۽ پھاڙي سلسلو ‘ھيمس’ به آھي۔ مطلب ھي ھڪ ”پرائم لوڪيشن“ کان گھٽ نه آھي۔ ان سڀني خاصيتن سان چنڊ تي زمين جو ھي ٽڪڙو ازرام علي کي مھانگو نه پيو آھي. ازرام علي پنج ايڪڙن جي بدلي ۾ صرف 130 آمريڪي ڊالر جي رقم خرچ ڪئي آھي۔ صهيب احمد کي ھڪ ايڪڙ زمين ان کان به سستي پئي آھي۔ صهيب احمد بي بي سي سان ڳالائيندي چيو ته چنڊ  تي جنھن جگھه تي ھن جي زمين آھي اتي ھاڻي ھڪ ايڪڙ جا سڀئي پلاٽ  وڪامجي ويا آھن۔ مان ستت ئي ڪجھ ماڻھن لاء چنڊ تي ھڪ ايڪڙ وارو پلاٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھي وڪامجي ويا۔ ٻنھي پاڪستانين کي پنھنجي زمين جي ڪاغذن سان گڏوگڏ ان جگھه جون تصويرون پڻ موڪليون ويو آھن۔ ھي تصويرون سيٽلائيٽ تان ورتيون ويو آھن جن ۾ انھن جا پلاٽ ظاھري طرح سان ڏسي سگھجن ٿا۔ انھن جي زمين تي لڪيرون پائي ان کي ظاھر  ڪيو ويو آھي ۽ ان سان گڏ ان زمين جي ڊيگھ ۽ ويڪر ڪاغذن ۾ نمايا ڪئي وئي آھي ۽ پلاٽ جو نمبر پڻ ھنن وٽ موجود آھي۔

Photo Facebook

چنڊ تي زمين کپائيندڙ آمريڪي اداري ” لونا سوسائٽي انٽرنيشل” انھن کي ٻڌايو ھو ته ان طرح سان انھن کي پنھنجي زمين ڳولڻ يا ڏسڻ ۾ آساني ٿيندي۔ ڀلي ھو پنھنجي زمين دوربين جي مدد سان ڏسن يا وري اتي وڃي ڪري ڏسن۔  عام طور تي ته ماڻھو زمين وٺڻ کان پھريان اتي وڃي ڏسڻ پسند ڪندا آھن پر سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ازرام علي ۽ صهيب احمد پنھنجي زمين ڏسڻ لاء ۽ ان جي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاء چنڊ تي قدم ڪڏھن رکندا؟ آخري ڀيرو چنڊ تي انسان قدم 1972ع ۾ رکيو ھو جڏھن آمريڪي خلاباز اپولو 17 جي ھڪ مھم جي ذريعي چنڊ تي پھتو ھو۔ ھو انھن 12 انسانن ۾ شامل آھي جيڪي اڄ تائين چنڊ جي سطح تي لٿا آھن۔ ان کان پوء اڄ تائين ڪو به انسان چنڊ تي وڃي نا ھي سگھيو۔ تنھن ھوندي به مستقبل قريب ۾ چنڊ تي وڃڻ جي مھم جي اميد آھي۔ چنڊ تي نه وڃڻ جي گھڻن سببن ۾ ھڪ سبب انسان کي چنڊ تي کڻي ويندڙ خلائي مشن تي ايندڙ خرچ ايترو ته گھڻو آھي جو آمريڪا جھڙي ترقي يافتا ملڪ جي حڪومت به چنڊ تي وڃڻ کان لنوائي ٿي۔ پوء به چنڊ تي زمين جا ٻئي  مالڪ پر اميد آھن ۽ صهيب احمد جي گھر واري ھن کان به وڌيڪ خواھش مند آھي۔ اسان ڪوشش به ڪري رھيا آھيو ته پرائيويٽ طور تي وڃڻ واري ڪنھن پروگرام جو حصو ٿيون ته جيئن اسان به چنڊ تي وڃي سگھون۔ ازرام علي سمجھي ٿو ته ناممڪن ڪجھ به ناھي، ٿي سگھي ٿو ڪڏھن موقعو ملي وڃي ۽ جيڪڏھن ضرورت پئي ته پنجن مان چار ايڪڙ زمين وڪڻي ڇڏيندس ته جيئن خلائي سفر جو خرچ پورو ڪري سگھان۔

ازرام علي بئريسٽر آھي ۽ برطانيه مان تعليم حاصل ڪئي اٿائين۔ ھو سٺي طرح ڄاڻي ٿو ته مستقبل قريب ۾ اھو نظر نه ٿو اچي ته انسان چنڊ تي وري واپس پھچي سگھي۔ جيڪڏھن ايندڙ ڪجھ سالن ۾ ممڪن ٿي به پئي، قسمت منھنجو ساٿ ڏي ٿي ۽ ھو ڪنھن مھم جو حصو ٿيان ٿو، تڏھن به لکين ڊالرز خرچ لاء گھرجن۔  130 ڊالرز ۾ خريد ڪيل زمين کي ھو کپائي ڪيترا پئسا ڪمائي سگھي ٿو؟

ازرام علي جي مطابق تازو ئي ھن کي ويب سائيٽ تي ان زمين جا 20 کا 30 ڊالر وڌيڪ ملي رھيا آھن۔ صهيب احمد کي ان جي ھڪ ايڪڙ لاء سٺن پئسن جي پيشڪش ٿي آھي پر ھن اها قبول نه ڪئي. متحده عرب امارات ۾ رھندڙ ڪوئي پاڪستاني شھري ھو، جنھن ھن کي ھڪ ھزار آمريڪي ڊالر جي بدلي پنھنجي زمين ھن کي وڪڻڻ لاء چيو، ان کي ناياب شيون گڏ ڪڙڻ جو شوق ھيو ۽ منھنجي زال چيو ته اسان نه وڪڻندا سين۔

ازرام علي پنھنجي چار ايڪڙ زمين جنھن قيمت تي وڪڻڻ جو اظھار ڪيو آھي اھا لکن ڊالرز ۾ آھي۔ صهيب احمد کي به اميد آھي ته ايئن ٿيندو ۽ انھن جي پلاٽن جي قيمت ڪيترا ئي دفعا وڌي ويندي۔ ازرام علي سمجھي ٿو ته ايندڙ ڪجھ سالن جي اندر، چنڊ تي پلاٽن جي وٺڻ ۽ وڪڻڻ بلڪل اھڙي طرح جو  ئي ٿيندو جيئن اڄ ڪل ڪرپٽو ڪرنسي جو ڪاروبار ٿي رھيو آھي۔ ڪرپٽو ۾ به پئسي جي ڏيتي ليتي جو وجود نه آھي۔ توھان ان  کي ھٿ لائي نه ٿا سگھو۔ ھي سڀ ڊجيٽل آھي۔ اھڙي ئي طرح چنڊ تي به پلاٽ نمبرن جي مدد سان خريد ڪبا ۽ وري مھانگا وڪيا ويندا، ان طرح ان جي لاڳت وڌندي گھٽجندي رھندي۔ جيڪڏھن ايئن ٿئي ٿو ته پوء ازرام ۽  صهيب اھا راء رکن ٿا ته انھن جي زمين جي قيمت ڪجھ ڏينھن جي اندر ئي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پھچندي۔ ازرام ٻڌايو ته اھا ئي وجھ آھي جو ھاڻي ئي 60 لک جي ويجھو ماڻھن چنڊ تي پلاٽ خريد ڪري ڇڏيا آھن۔  ان حوالي سان اڃا تائين پوري طرح سان ڪجھ به نه ٿو چئي سگھجي۔ تنھن ھوندي به چنڊ تي زمين وڪڻڻ واري آمريڪي اداري لونا سوسائٽي انٽرنيشنل جي مطابق پلاٽن مان جمع ٿيندڙ رقم سان ھو انسان کي واپس چنڊ تي کڻي ويندڙ  مشن کي منزل مقصود تائين پھچائڻ چاھين ٿا۔ ان منصوبي جي مطابق مختلف مرحلن ۾ انسان کي چنڊ تي لاھڻ کانپوء اتي عمارتون ٺاھڻ جو ڪم ڪيو ويندو۔ انھن ۾ تحقيقي مرڪز ۽  سياحن جي لاء رھائش جو بندوبست پڻ ڪيو ويندو۔ چنڊ جي آبھوا ۾ موجود ھيلئم گئس ٻارڻ جي طور استعمال ڪئي ويندي. ان مان نڪرندڙ معدنيات مان سرون تيار ڪيون وينديون جن جي مدد سان اڏاوت جو ڪم ممڪن ٿي سگھندو۔ انھن جو مقصد صرف اھو ئي ناھي ته سائنسدانن لاء چنڊ تي لاڳيتو تجربن جو بندوبست ٿئي ان سان گڏوگڏ انسان کي به چنڊ تي آباد ڪيو وڃي۔ ڇونه انجي شروعات سياحن جي نڍين نڍين آبادين سان ٿئي۔ لونا انٽرنيشل کي اھو لڳي ٿو ته جلد ئي ھو ايترو پئسو گڏ ڪري وٺندا جو ھو ان جي مدد سان انسان کي چنڊ تي کڻي ويندڙ ذاتي ڪمپنين کي ھو چندو ڏئي سگھندا۔ ان ھوندي به ھنن ازرام ۽ صهيب کي کليل طرح سان  ٻڌائي ڇڏيو آھي ته جڏھن اھڙو  وقت آيو ته ھنن کي چنڊ تائين جي سفر جو خرچ پاڻ کي ڪرڻو پوندو۔ پلاٽ وٺندڙ ٻنهي جو چوڻ آهي ته اسان کي ڪابه تڪڙ ناھي۔ زمين تي جائداد وٺڻ ۽ وڪڻڻ ۾ جيڪا ٺڳي ڪئي ويندي آھي ته ھڪ ئي ماڻھو جو پلاٽ ڪيترن ئي ماڻھن کي وڪيو ويندو آھي۽  ان جا ڪيترا ئي مالڪ ظاھر ٿي پوندا آھن ۽ پوء اھو پلاٽ ڪنھن کي  به ناھي ملي سگھندو۔ مستقبل ۾ جيڪڏھن ازارم علي ۽ صهيب احمد ۽انھن جو زالون چنڊ تي پھچي وڃن ٿيو ته ڇا ھو پنھنجي زمين جي مالڪي حاصل ڪري سگھندا؟ ازرام علي چوي ٿو ته انھن سڀني پاسن کان جائزو وٺي پوء ئي پلاٽ ورتو۔ لونا سوسائٽي انٽرنيشنل جي مطابق اقوام متحده ۽ آمريڪي حڪومت جي طرفان انھن کي چنڊ تي ميدان وڪڻن جو اختيار ڏنو ويو آھي۔ ٻنهي پاڪستانين جي زمين لونر سيٽلمينٽ انيشيئٽو جي تحت انٽرنيشنل لونر لينڊز رجسٽري وٽ داخل ٿي وئي آھي۔ ھن معاھدي جي مدد سان دنيا جا سڀئي ملڪ برني ڪنويشن نالي ان معاھدي جي ذريعي اھو مقرر ڪري ڇڏيو آھي ته چنڊ تي زمين ڪنھن ھڪ ملڪ يا حڪومت جي نه آھي تنھن ھوندي به ڪنھن به قوم جوفرد اڪيلي طور چنڊ تي زمين وٺي سگھي ٿو۔ اھڙي طرح لونر لينڊز جا حق محفوظ آھن ۽ انھن جي ھر سال ڇپائي آمريڪي ڪانگريس جي لائبرري سميت برطانيه،جاپان، روس ۽ اقوام متحده جي لائبريرين ۾ پڻ رکي ويندي آھي۔ ازرام علي ۽ صهيب احمد ان ڳالھ جي سٺي طرح سان جانچ ڪري ڇڏي آھي ته پلاٽن جي وٺڻ ۽ وڪڻڻ ۾ ڪائي ٺڳي نه آھي۔ ھاڻي انتظار بس ان ڳالھ جو آھي ته ڪڏھن ٿيون ذاتي خلائي ڪمپنيون چنڊ جي طرف انسانن کي کڻي وڃڻ جي شروعات ڪن۔ ياد رھي ته آمريڪي حڪومت اھو علان ڪري ڇڏيو آھي ته سن 2024 ع تائين انسان کي چنڊ تي واپس کڻي وڃڻ واري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جو ارادو آھي۔ ان سان گڏ ئي اسپيس ايڪس نالي ذاتي ڪمپني سان گڏ ڪجھ ٻيون ڪمپنيون به خلا ۾ سياحت جي پروگرام تي ڪم ڪري رھيو آھن۔ دنيا جا ڪجھ دولت مند  ۽ خيرات ڏيندڙ ماڻھن چنڊ جي طرف  سياحتي سفر جي بڪنگ به ڪرائي ڇڏي آھي۔ ازرام علي ۽ صهيب احمد کي اميد آھي ته ھو به ڪنھن اھڙي پروگرام جو حصو ٿيندا پر انھن کي اھو معلوم نه آھي ته ان ۾ انھن کي ڪيترو انتظار ڪرڻو پوندو پر ھنن کي به ڪا تڪڙ نه آھي۔(هي مضمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو عمر دراز ننگيانه لکيو ۽ جاويد سولنگي ترجمو ڪيو ۽ سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.) jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو