چند ڏينهن ۾ 12 لک فالوورز حاصل ڪندڙ ٻارڙو

لنڊن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان نزاد 12 سالن جي برطانوي ٻارڙي بن يامين احمد ڪورونا سبب اسڪول جي موڪلن دوران ڪروڙين رپيا ڪمائي گھٽ عمر وارو پروگرامر بڻجي ويو آهي. بن يامين احمد اسڪول جي موڪلن دوران 2 لک 90 هزار لک پائونڊ (6 ڪروڙ 89 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا) ڪمايا. هن هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته اسڪول جي موڪلن دوران هن اها رقم ويئرڊ وهيل (Weird wheel) نالي ڊجيٽل تصويرن تي ٻڌل ويب سيريز جي تياري ۽ بلاڪ چين اونر شپ اسٽور تي ٽوڪن وڪرو ڪري ڪمائي آهي. بن يامين احمد ويب سيريز، ڪوڊنگ ذريعي 5 هفتن ۾ تيار ڪئي ۽ پوءِ ان کي وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ سندس آرٽ ورڪ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. هن ٻار جو بئنڪ اڪائونٽ به ناهي. سندس پيءُ به سافٽ ويئر ڊولپرآهي. جنهن پڻ سندس مدد ڪئي. بن يامين جا اڳ ۾ ٽوئيٽر تي ڪجهه فالوررز هئا پر هاڻ خوش قسمتي سان هن جا 12 لک فالوورز آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو