چرچ جي زمين تي قبضي خلاف احتجاج

سانگھڙ (رپورٽ نادر بڙدي)يونين ڪائونسل صدرٺ ۾ چرچ کي ڏنل زمين غير قانوني طريقي سان غير واسطيدار ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ خلاف مسيحي برادري پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين چيو ته اسان جي مسيحي برادري لاءِ 564 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي جنھن ۾ پنج بلاڪ چرچ لاءِ ۽ باقي زمين غريب عيسائي گھراڻن کي قسطن تي ڏني وئي ھئي جنھن مان گھڻن ماڻهن قسطون جمع ڪرايون ۽ ڪجهه  ماڻھو قسطون جمع نه ڪرائي سگھيا پر اھا زمين چرچ جي ھوندي به مختيارڪار ملي ڀڳت ڪري ماڻھن کي ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي الاٽ ڪئي آهي جنھنڪري اسين احتجاج تي مجبور ٿيا آھيون ھنن مطالبو ڪندي چيو ته مسيحي برادري جي زمين تي جاري ڪيل ڪوڙي الاٽمينٽ رد ڪري عيسائي برادري حوالي ڪئي وڃي ۽ غريب عيسائي گھراڻن سان ناانصافي بند ڪئي وڃي. رابطو ڪرڻ تي مختيار ڪار سانگهڙ رشيد ڪاڪا جو چوڻ آھي ڊبل کاتا جاري ٿيا هئا جنهن لاء بورڊ آف روينيو پاران نوٽس ورتو ويو آھي کاتا ٻيهر جاي ڪرائي ڏنا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو