نوجوان ڇوڪري جي قتل جو ڪيس چاچي خلاف داخل

صالح پٽ (نياز مهر) چاچي پاران لٺيون هڻي قتل ڪيل ڀائٽي وارو ڪيس صاله پٽ ٿاڻي تي مقتول جي والد غلام مصطفيٰ جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو. قتل ڪندڙ نبي ڏنو ۽ ٻن ٻين نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ڇاپو به هنيو پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا. مقتول جي والد چيو آهي ته سندس ڀاءُ سان اڱاوتي معاملي تي اختلاف هو جنهن سبب هن منهنجي نوجوان نياڻي کي قتل ڪيو. ياد رهي ٽي ڏينهن اڳ ڳوٺ ٿمي ۾ گهرو اڻبڻت تان چاچي نبيءَ ڏنو مڱريو پنهنجي ڀائٽي مسمات صاحبان زال دودو مڱريو کي لٺين جا ڌڪ هڻي قتل ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو