چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 12 ڄڻا زخمي

ميروخان (صفدر علي تنيو) ڳوٺ سعد الله چانڊيو ۾ رستي جي ڳالھ تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جھيڙي ۾ لٺيون ڪهاڙيون لڳڻ ڪري استاد مشتاق چانڊيو، احمد خان، فاروق چانڊيو، نواب چانڊيو، غلام حسينم صدام حسين، رياض چانڊيو ۽ عورت سميت ٻنھي ڌرين جا 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين جي علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر وٺڻ لاءِ ميروخان ٿاڻي تي آندو پئي ويو ته ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي تي ٻيهر لتن مڪن جو وسڪارو ڪري ڏنو جنھن بعد ھڪ ڌر پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف غلام نبي چانڊيو، مختيار، شھزادو چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ميروخان ٿاڻي اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو جنھن کانپوءِ سجاول جوڻيجو سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري گھرائي وئي بعد ۾ ڊي ايس پي جاويد سومرو ڌرڻو ھڻندڙن سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ٻنھي ڌرين جي ماڻھن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن ميڊيڪل ليٽر جاري ٿيڻ بعد ٻنھي ڌرين جي ھڪٻئي خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو