چائنا ڪلي فيڪٽرين جي گندي پاڻي کوهه خراب ڪري ڇڏيا

ننگرپارڪر(ن سنڌيار)ڪارونجھر سجاڳ فورم پاران گگرال جي ٽُڪائي ۽ ننگرپارڪر شھر ۾ قائم چائنا ڪلي جي فيڪٽرين خلاف ننگرپارڪر شھر ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن کي ڪارونجھر سجاڳ فورم اڳواڻن خطاب ڪيو، خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گگرال سميت ڪارونجھر جي اندر سڀئي وڻ ڪارونجھر جي سونهن آھن، جنھن کي غيرقانوني ڪيميڪل ھڻي ٽڪي قدرتي سونهن کي ختم ڪيو پيو وڃي، اڳواڻن چيو ته ننگرپارڪر شھر جي ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻي جو واحد ذريعو پيئائو تي ٺھيل کوھ آھن پر انھن کوھن جي ڀر ۾ چائنا ڪلي جون فيڪٽريون ٺھيل آھن جنھن جي جو گندو ۽ زھريلو پاڻي ڀٽياڻي ندي ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو جيڪو سيپيج ٿي کوھن ۾ اچي ٿو نتيجي ۾ پاڻي خراب ٿي وڃي ٿو ۽ انسان مختلف بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا، اڳواڻن لاڳاپيل کاتن کان مطالبو ڪيو ته گگرال جي ٽُڪائي فور طور روڪرائي ڪارونجھر جي سونهن بچائي وڃي. ڪارونجھر سجاڳ فورم جي اڳواڻن ننگرپارڪر جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ کي  ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف فوري طور نوٽيس وٺي ڪٽائي روڪرائڻ جي ڏنل فيصلي کي ساراھيندي چيو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ ننگرپارڪر جي ماڻھن تي پنهنجي قانوني ذميواري نڀائيندي ھڪڙو احسان ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو