ڄام ڪمال ۽ مگسي ڀائرن جي علي گوهر مهر سان ملاقات

خانپورمهر(آفتاب سيال)بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال هيليڪاپٽر ذريعي خانڳڙھ جي گوهر پئلس پهتو، جتي هن جي ڊي اي، ايم پي اي علي گوهر خان مهر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ايم پي اي نادر مگسي، عامر مگسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ذريعن موجب هنن سنڌ جي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄام ڪمال پنجاب جي علائقي چولستان ۾ جيپ ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد واپسي تي سردار علي گوهر خان مهر جي دعوت تي پهتو، گوهر پيلس ۾ مانجهاندو ڪرڻ کان پوءِ روانو ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو