ڄام ڪمال استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال پنهنجي پارٽي جي 10 ايم پي ايز پاران استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي دعويٰ ڪئي آهي ته ڄام ڪمال کي ايوان جي اڪثريت حاصل آهي هن استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته مخالف ڀلي عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ جو شوق پورو ڪن کين خبر پئجي ويندي. ياد رهي ته بلوچستان عوامي پارٽي جي حڪومت جي 12 ايم پي ايز اڄ شام 5 وڳي تائين استعيفيٰ ڏيڻ جو الٽيميٽم ڏنو هو ۽ ٻئي صورت ۾ عدم اعتماد آڻڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. انهن ميمبرن ۾ 10 جو تعلق ’باپ‘ سان ۽ ٻن جو تعلق تحريڪ انصاف سان آهي. سندن دعويٰ آهي ته 16 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. بلوچستان اسمبلي جي ڪل 65 ميمبرن مان 51 سڌي طرح چونڊيل، 3 اقليتن ۽ 11 عورتن جون مخصوص سيٽون آهن، 33 ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ تي حڪومت ٺاهي سگهجي ٿي. باپ جون 24 سيٽون آهن، حڪومت کي 40 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي جن ۾ پي ٽي آءِ 7، اي اين پي 4، هزارا ڊيموڪريٽڪ پارٽي 3، هڪ آزاد ۽ هڪ جمهوري وطن پارٽي جو ميمبر شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو