ڄام فتاح کي ڌمڪين خلاف وڪيلن جو مظاهرو

اوٻاوڙو(غلام علي رند) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ  ڄام عبدالفتاح سميجو کي موت مار ڌمڪيون ملڻ خلاف اوٻاوڙو بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن طرفان سول ڪورٽ ۾احتجاج ڪيو ويو. سينيئر وڪيل شاهد راجپوت ۔وڪيل عبدالفتاح سمون۔وڪيل شاهد حسين ميمڻ۔وڪيل طارق پنهنور۔وڪيل عبدالحميد رند ۔وڪيل بهادر شر۔وڪيل ذوالفقار مارفاڻي۔وڪيل عبدالمجيد ميمڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي سينيئر وڪيل ڄام عبدالفتاح سميجو کي ڏهرڪي جي بااثر طرفان موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آھن جڏهن ته اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪريون ٿا ۽ انهن وڌيڪ چيو ته اسين وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ٿا ڪريون هن معاملي جو فورن نوٽس وٺي ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو