ڄامڙا برادري جو پنهنجي سردار خلاف احتجاج

ڪنب (صفدرچانڊيو) پراڻي نيشنل هاءِ وي تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙو جي ڳوٺاڻن پنهنجي ڀوتارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. منظور حسين، رمزعلي، نجم الدين ۽ ٻين الزام مڙھندي چيوته سردار نظير احمد ڄامڙو ۽ فداحسين ڄامڙو اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ڪرائي اسان کي لڏا؟ڻ چاهن ٿا. ٻن نوجوانن سينگار علي ولد رمزعلي ۽ ايازعلي ولد منظور علي ڄامڙو کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو آهي. ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته فدا حسين ڄامڙو جي ذاتي واسطي سبب ڪوبه وڪيل اسان جو ڪيس وڙھڻ لاء تيار ناهي. اسان جو هڪڙو نوجوان ايازعلي ڄامڙو ٽن مهينن کان ڀوتارن جي ظلمن کان تنگ ٿي دربدري واري زندگي گذاري رهيو آھي جڏھن ته ٻيو نوجوان سينگاري علي ڄامڙو کي راڻي پور پوليس گرفتاري کانپوء گم ڪري ڇڏيو آھي. هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته شفاف انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو