خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڄامڙا برادري جي عورتن ٻارڙن ۽ مردن جو بااثرن ۽ گمبٽ پوليس خلاف احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين مسمات بيگم خاتون ڄامڙو، مسمات سوهل، مسمات حمل خاتون، سيفل، فضل محمد، امام بخش، عبدالرزاق ڄامڙو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته بااثرن عطا محمد ڄامڙو، حسين ڏنو، غلام شبير، وزير علي ڄامڙو، غلام محي الدين عرف لالو ميمڻ ۽ ٻين گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ در محمد ڄامڙو ۾ سندن زمين تي قبضو ڪيو آهي. مذڪوره زمين تي مالڪن پاران لون به ورتل آهي. جڏهن ته پيرسن نذير ۽ سندس پٽ ادريس ڄامڙو کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گمبٽ پوليس جي مدد سان ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. بااثرن پاران غريبن مسڪينن کي اٿارڻ لاءِ چوريون ڦرون ڪرائڻ سان گڏ زمين جي مالڪن مسڪينن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سندن گهرن تي فائرنگ ڪري کين گهر ۽ زمين خالي ڪرن لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته بااثرن کي اي ايس پي زاهده پروين ڄامڙو، رمضان ڄامڙو ۽ ٻين بااثرن جي ٽيڪ آهي جنهن ڪري سندن ڪوبه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. مظاهرين وزيراعلي سنڌ، چيف جسٽس، آء جي سنڌ، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو