ڀٽائي جي 277 هين عرس جو پابندين ۾ افتتاح

ڀٽ شاهه( ن سنڌيار) ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 277هين عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي. اوقاف کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال درگاهه تي پهچي مزار تي دعا گهري، چادر چاڙهي افتتاح ڪيو، ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي حوالي سان مختلف هنڌن تان پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو بـ جاري آهي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته ڪورونا جي وبا سبب سنڌ حڪومت پاران عرس مبارڪ جون تقريبون ملتوي ڪيون آهن، صرف ايس او پيز تحت زائرين درگاهه تي حاضري ڀري سگهن ٿا، ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ کي درگاهه اندر نه وڃڻ ڏبو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته هن سال ڀٽائي جي درگاهه تي ڏيئا نه ٻارڻ جي جاچ ڪرائي ويندي ۽ غفلت ثابت ٿيڻ تي درگاهه جي مينيجر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيب پاران پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خاص ڪري مخدوم جميل الزمان جي ڀاءُ جي گرفتاري ۽ ٻين ڪاررواين بابت صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اهو عمل قابل مذمت آهي، هر ماڻهوءَ جو پنهنجو تقدس ۽ عزت هوندي آهي، ڏوهه ثابت ٿيڻ کان اڳ هر ڪنهن کي معصوم تصور ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪو قصوروار آهي ۽ ان کي گرفتار ڪرڻو آهي ته موجود قانوني طريقي ڪار تي عمل ڪيو وڃي. ڀٽ شاهه ۾ ترقياتي ڪمن بابت سوال تي اوقاف جي وزير چيو ته درگاهه جو ترقياتي ڪم ڪيو ويو آهي باقي هر جاءِ تي بهتريءَ جي گنجائش هوندي آهي، درگاهه جي صفائي جي لاءِ مشينون آنديون ويون آهن، زائرين جي سهولتن وارن انتظامن کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو. شهر جا داخلي رستا بند ٿيڻ سبب عقيدتمند ۽ پانڌيئڙا پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن،ضلعي انتظاميا پاران درگاهه رات جو 10 بجي ۽ شهر جا دڪان رات جو 9 بجي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، انتظاميه موجب زائرين جي رهائش تي مڪمل پابندي آهي، پانڌيئڙا زيارت ڪري واپس هليا وڃن.ڀٽائي جي عرس مبارڪ دوران شاهه جي راڳ ۽ ڌمال تي ماڻهن جي رش لڳل رهي، ايس او پيز جا اعلان بـ هوا ۾ اڏامي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو