ڀٽائي جو عرس جاري، ايوارڊ تقريب آچر تي ٿيندي

مٽياري (ن سنڌيار)ڪورونا وبا جي ڪري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 277 هون عرس ٻئي ڏينهن به جاري آهي. افتتاح کانسواءِ ٻين سرڪاري تقريبن جي ملتوي ٿيڻ کان پوءِ 4 آڪٽوبر آچر جي ڏينهن ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾ صرف لطيف ايوارڊ تقريب منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شخصيتن کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويندو. ان حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو جي سربراهي ۾ ڊي سي سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو ٽائون آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڀٽ شاهه شهر جي صفائي تزئين و آرائش ۽ روشني جي انتظامن کي بهتر ڪن. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو پوليس انتظاميه کي هدايت ڪئي ته اهي سيڪيورٽي جي فل پروف انتظامن کي يقيني بنائين. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر يار محمد کوسو، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا تيمور الطاف ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر سعيدآباد زاهد حسين جونيجو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي رياض احمد ڳاهوٽي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪلچر وسيم گل شيخ، ايڪسيئن هائي وي محمد اسماعيل، ايڪسيئن بلڊنگز عبدالغني ميمڻ، ڊي ايس پي مٽياري محمد حسن، ڀٽ شاهه ڪلچر مجتبيٰ جوکيو کان علاوه ڪلچر، ورڪس اينڊ سروسز جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو