ڀٽائي بابت بيان تي سردار شاهه معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم ۽ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه لاکيڻي لطيف شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت ڏنل پنهنجي بيان تي معافي وٺي ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪري هن معافي ورتي. پنهنجي بيان جي شروعات هن ڀٽ ڌڻي جي بيت ”جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه سپرين سين، تڏهانڪر تر جيترو ويل نه وسريام، اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري” سان ڪئي. سردار شاهه جو چوڻ هو ته لطيف سرڪار سان ساڃاهه وارو سڱ سترهن سالن کان آهي. زندگي جي پنڌ ۾ لطيف سائين کي پڙهندا رهياسين. مون پهريون ڪتاب به لطيف جي نالي ڪيو. وزارت دوران مون جيڪو ڪجهه لطيف لاءِ ڪيو اهو وزير طور نه پر لطيف جي فقير طور ڪيو آهي. هن چيو ته ڀٽائي پيڊيا سميت مختلف ڪم ڪرائي رهيو آهيان. لطيف سان عشق طور ڪم ڪيا آهن. هن چيو ته سيڪريٽريٽ ۾ ڪيل منهنجي تقرير ۾ مون جيڪو چوڻ چاهيو پئي ان جي مفهوم کي ڪيترا ماڻهو سمجھي ڪونه سگھيا، انهن جي مهرباني، پر ممڪن آهي ته لفظن جي چونڊ ۾ مون کان غلطي ٿي وئي هجي.  اهي مناسب لفظ اسٽيج تي چونڊي نه سگھيس، ڪجھه لفظن سان لطيف جي عاشقن ۽ لطيف جي دل آزاري ٿي آهي، ان تي آئون لطيف جي هر ان عاشق ۽ پانڌيئڙي کان معذرت ڪيان ٿو، باقي اهي جن پنهنجا پنهنجا اسڪور سيٽل ڪيا لطيف سائين ۽ منهنجي تقرير جي آڙ ۾، انهن لاءِ آئون دعا ئي ڪري  سگھان ٿو ته شال انهن جي اندر جو مير لطيف سائين جو فڪر ۽ لطيف سائين جي شاعري ڌوئي ڇڏي. هن آخر ۾ به لطيف سائين جو بيت پڙهيو ته “الله کر جيئن، مدي جن جي من ۾”.

پهنجو تبصرو موڪليو