ڀيڻ جي شادي تي ويندڙ ڇوڪري قتل، جوابدار فرار

ٺل(عبدالنبي شيخ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحمدل بنگلاڻي ۾ بيرحم سهري نظر محمد بنگلاڻي پنهنجي نوجوان ننهن 19 ورهين جي روبينه زال سائينداد ڌيءَ مهر الله بنگلاڻي کي پنهنجي ڀيڻ امينت بنگلاڻي جي شادي تان وڃڻ کان روڪيندي پسٽل جا فائر هڻي قتل ڪري ڇڏيو،جنهن بعد جوابدار آساني سان فرار ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي پوليس ناري جو لاش کڻائي ٺل جي تعلقي اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،ناري روبينه زال سائينداد بنگلاڻي جو لاش کڻي وارثن پاران پريس ڪلب آڏو رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،بنگلاڻي برادري جي عورتن ۽ مردن پاران جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ لاش روڊ تي رکي ٽي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو

پهنجو تبصرو موڪليو