ڀوري ڀيل سان گڏ دفن ٿيڻ جي خواهش ۽ مذهبي رواداري جو علمبردار

نوشهرو فيروز(خصوصي رپورٽ مشتاق مري) علامه عزيزالله ٻوهيو سنڌ اندر وڌندڙ مذھبي انتها پسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي 76 سالن جي ڄمار ۾ به خاموش نه ويٺو ۽ جڏھن بدين ۾ مذهبي انتها پسندن 2014 ۾ ڀوري ڀيل جي لاش کي مقام مان ڪڍي سندس تذليل ڪئي هئي ته ان وقت هن اکين مان ڳوڙها هاريندي پريس ڪلب نوشھرو فيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وصيعت ڪئي ته کيس مٽياري ڀرسان باءِ پاس تي قائم ڀيلن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي ڇو ته الله ۽ ان جي رسول صلعم انسانن ۾ فرق ناهي ڪيو ته هتي مذھب جي نالي تي انسانن جي تذليل ڇو ٿي ڪئي وڃي ان ڪري کيس ڀيلن سان يڪجهتي ڪرڻ جي ڪري اتي دفن ڪيو وڃي ۽ سندس قبر کي مٽي سان ملايو وڃي پر ان وصيعت تي عمل نه ٿيو. عزيزالله ٻوهيو پاڪستان اندر مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ واري ڳالهه ڪندڙ ھر اتحاد جو حصو رهيو جنهن ۾ سنڌ قومي اتحاد، سنڌ نيشنل الائنس، يواين اي، پونم سميت ٻين پليٽ فارمن تي پڻ سرگرم رهيو. عزيز الله ٻوھيو کي دل جي تڪليف سبب ٻه ڏينھن اڳ سيوھڻ جي اين اي سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ھو جتي سندس طبيعت خراب ٿيڻ تي وينٽيليٽر تي رکيو ويو ۽ سندس لاڏاڻي جي ڪوڙي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي پر ان جي 24 ڪلاڪن بعد سندس وڇوڙي جي سچي خبر آئي ھن پنھنجي مائٽن ۽ دوستن سان ملاقاتون ڪيون مگر کيس بعد ۾ ٻيھر دل جو دورو پيو ۽ مالڪ حقيقي کي وڃي پھتو. عزيز الله ٻوھيو ڳوٺ خير محمد ٻوھيو ۾ استاد عبدالرئوف ٻوھيو جي گھر ۾ 14 مارچ 1946 ۾ جنم ورتو بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۽ مدرسي مان حاصل ڪئي جڏهن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سکر جي واري تڙ جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ اتي مدرسي ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ وارو  عمل ورجايو  اتي ئي سکر جي واري تڙ واري علائقي ۾ پنهنجي پريس کولي جتي عبدالوحيد آريسر ۽ ناليواري شاعر ادل سومري پڻ پريس تي ڪم ڪيو سياسي طور تي جي يو آئي جو ورڪر رهيو ۽ مولانا مفتي محمود جو ساٿي پڻ رهيو اتي به سنڌ جي وسيلن جي ڳالھ ڪرڻ جي ڪري گهڻو وقت جي يو آئي ۾ نه رهي سگهيو ان دوران سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ تان وقت جي آمرن سزائون ڏئي جيل موڪليو پر هن آڻ نه مڃي ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪيو سموري سنڌ ۾ سوين ڪارڪنن پيدا ڪيا هي مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ ٺهندڙ ڪيترن ئي اتحادن جو حصو رهيو ۽ اڳوڻي وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ سوين ڪتاب سياسي مذهبي ڇپرايا  هو 75 سالن جي ڄمار ۾  2 نومبر تي سيوهڻ جي دل واري اسپتال ۾ وفات ڪري ويو ۽ پونئيرن ۾ بيوهه چار پٽ، ٽي نياڻين ۽ سنڌ ۾ سوين پيدا ڪيل سياسي ڪارڪن سوڳوار ڇڏي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو