ڀنگين جي پگهار کائڻ ۽ ڳوٺ خالي ڪرائڻ خلاف ڌار ڌار مظاهرا

ماتلي (عبدالرزاق پنهور) شهر ۾ مختلف معاملن بابت 2 ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا. هڪ مظاهرو ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين عبدالرحمان ڪشميري طرفان ڀنگين جي پگھارن جا 7 لک ھڙپ ڪرڻ خلاف ماتلي اتحاد طرفان مظاهرو ڪيو ويو. جڏهن ته ٻيو مظاهرو 100 سال کان وڌيڪ پراڻي ڳوٺ احمد ٿيٻو جي رھواسين ڳوٺ خالي ڪرائڻ خلاف ڪيو. پهرين مظاھري کي ماتلي اتحاد  جي صدر محمد رفيق ميمڻ , منور سمون , محمد علي خاصخيلي , علي چوھاڻ , لالا ڪشميري , ھيرو سنڌي ۽ اياز شيخ خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ ميونسپل ڪميٽي جي وقتي چيئرمين طرفان شھر ۾ گندگي صاف ڪندڙ صفائي ڪندڙعملي جي20 ڪچن  ملازمن جي ٽن مھينن جي پگهار جا 6 لک 92 ھزار حصا پتي ڪري کائڻ شرم جوڳو عمل آھي اڳواڻن  نيب اينٽي ڪرپشن ۽ ڊي سي بدين ۽  موجوده چيئرمين عبدالرئوف نظاماڻي  کان مطالبو ٿا ڪيو ته  ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي  ڪئي وڃي ۽ کانئن رقم ڀرائي وڃي.

هوڏانهن ٻئي پاسي ڳوٺ احمد ٿيٻو جي رھواسين ڳوٺ خالي ڪرائڻ خلاف احتجاج ڪيو. ڪوثر زيدي, نظير احمد ٿيٻو, ممتاز زنئور, منور لغاري, سرور لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ خالي ڪرائڻ خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان 1910 کان ڳوٺ ۾ ويٺل آھيون  600 گھرن تي مشتمل ڳوٺ احمد ٿيٻو جي رھواسين کي ھڪ بااثر ڌر لڏائڻ لاء ٽنڊو غلام حيدر پوليس کي پئسه ڏيئي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان جي گھرن تي قبضو ڪرائڻ چاھين ٿا. اسان کي سرڪار طرفان ڪوبه شوڪاز نوٽيس نه مليو آھي. ٽنڊو غلام حيدر پوليس ونگار وھي اسان جي گھرن تي روز ڪاهه ڪري پريشان ڪري ٿي. گذريل ٽيھ سالن کان پوليس مختلف بھانا ٺاھي اسان مٿان ڪوڙيون ايف آئي آر ڪٽيون آھن جنھن جي ڪري اسان چيف جسٽس آف پاڪستان آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڳوٺ احمد ٿيٻو جي رھواسين سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو