ڀنگوارن جي سردار تي حملو پٽ ۽ دوست سميت زخمي

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملھير اسٽاپ وٽ نامعلوم ھٿياربندن پاران قبائلي سردار احمد علي خان بنگوار جي گاڏي مٿان فائرنگ ڪندي کين زخمي ڪري وڌو جڏھن ته سندن پٽ رياض احمد ۽ دوست ڊاڪٽر عزيز سومرو به زخمين ۾ شامل آھن ۽ واقعو پيش اچڻ بعد کين ھزارين ماڻھون ھٿيارن ساڻ ڪري  واقعي واري ھنڌ پھچي ويا زخمي ٿيل سرداراحمدعلي خان کي فوري طبي امداد لاء رحيم يار خان اماڻيو ويو۔جڏھن ته پوليس انتظاميه اطلاع ملندي ئي واقعي واري ھنڌ پھچي وئي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن بابت کين ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد سندن پيڇو ڪيو. ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته سردار احمد علي خان مٿان حملو ڪندڙن جو تعلق سبزوئي برادري سان آھي ۽ حملي جو ڪارڻ پڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي. ٻئي پاسي صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي سردار مٿان ٿيل حملي جي مذمت ڪندي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ لاء ايس.ايس.پي ڪشمور کي ھدايتون جاري ڪيو آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو