ڀلاري مهيني ۾ سبزين، فروٽ سميت کاڌي جا اگهه وڌي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) رمضان شريف جي ڀلاري مهيني جي شروع ٿيڻ سان ئي مهانگائي چوٽ چڙھي وئي آهي. سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ دڪاندارن توڙي واپارين سبزين توڙي فروٽ جا اگهه وڌائي  ڇڏيا آهن. سڄي دنيا ۾ عيسائين جي عيد ڪرسمس جي موقعي تي يورپ ۽ امريڪا ۾ 50 کان ستر سيڪڙو شين جا اگهه گهٽ ڪيا ويندا آهن پر اسانجا مسلمان ڀائر رمضان ۾ سڀ ڪسرون ڪڍن ٿا. لاکاروڊ مان اظھر جلباڻي موجب افطاري لاء خريداري ڪندڙ  پهرين روزي واري ڏينهن  بازار مان ورتل اگهن موجب ڀينڊي 80 روپيا ڪلو، گوار 160 روپيا، سائي توري 60 روپيا، بصر 60 روپيا، پٽاٽا 30 ۽ 40 روپيا ڪلو، ٽماٽا 120 روپيا، فروٽ چيڪو 200 کان 240 روپيا في ڪلو، کارڪون 240 روپيا، هنداڻو 40 روپيا، سردو 80 روپيا، صوف 180 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. روزيدارن جي افطاري لاء بازار ۾ خريداري ڪرڻ لاء ايندڙ شھرين ، پرويز علي ڏاھري، شير عباس پٺاڻ، عبدالرحمان آرائين، رضوان زرگر ۽ ٻين پريس ڪلب  پهچي هٿرادو مهانگائي خلاف احتجاج ڪندي چيو تہ رمضان شريف شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ريٽ نارمل هئا ۽ رمضان شريف جي پهرين ڏينهن تي هڪدم ريٽ مهانگا ڪيا ويا آھن، جيڪا سراسر نا جائزي آھي، ضلعي انتظاميا ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي وارا ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪن.

هوڏانهن ٺڪراٺو مان حضرت گل پٺاڻ ٻڌايو آهي ته منافعي خور دڪاندارن، واپارين سبزي، فروٽ، فش ۽ مٽن جا ڪاسائين هٿرادو اگھ مقرر ڪري ريٽ ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. ٺڪراٺي مبارڪپور روپهر سميت آس پاس جي شھرن ۾  گوشت وڪرو ڪندڙ ڪاسائين هٿرادو اگھ مقرر ڪري عام واهپي جي شين جا ريٽ ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن. وڏو گوشت 300 کان 450  ننڍو گوشت 600 مان 800،   کنڊ، گيھ ، چانور، دال، پتي۽ شربت سميت  ٻين شين جا ريٽ وڌائي ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي گرمي جي اضافي سبب غير معياري ۽ نقلي مشروبات جي وڪري ۾ پڻ تيزي اچي وئي آھي. هتان جي شھرين مختيارڪار پنوعاقل سميت ايس ڊيم پنو عاقل ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته ٺڪراٺي سميت آس پاس جي ننڍن وڏن شھرن ۾ هٿرادو مهانگائي کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو