ڀتو نه ڏيڻ تان ڊاڪٽر جي ڀاءَ تي حملو، اسپتال منتقل

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڀتو نه ڏيڻ تان هندو ڊاڪٽر مٿان فائرنگ, حملي ۾ سندس ڀاءُ زخمي پريالو ۾ پراڻي واپڊا آفيس ويجهو هٿياربندن جي ڊاڪٽر نريش ڪمار جي ڪار تي اچانڪ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ڊاڪٽر جو ڀاءُ سنتوش ڪمار زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڊاڪٽر معجزاني طور تي حملي ۾ محفوظ رهيو ٻئي طرف ايس ايڇ او پريالو طالب حسين ٻڌايو ته مير مرتضا نالي شخص ڊاڪٽر کان ڪيترائي ڀيرا اڳ به ڀتو وٺي چڪو آهي ۽ اڄ هن ڀتو گهريو ته ڊاڪٽر پاران انڪار ڪرڻ تي سندن ڪار مٿان حملو ڪيو ويو آهي انهي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو ڀتاخورن خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو