ڀتو نه ڏيڻ تان پوليس پورهيت جو کير روڊ تي هاري ڇڏيو

رتوديرو (عطاءُ الله بروهي)ڪريانه بازار وٽ ٽيبل رکي شام جو کير کپائيندڙ نوجوان حبدار علي جلباڻي تي پوليس تشدد ڪري سندس کير روڊ تي هاري ڇڏيو. هن صحافين کي ٻڌايو ته مان غريب آهيان کير کپائي پيٽ گذر ڪندو آهيان لاڪ ڊائون جي شروعات کان وٺي ايس ايڇ او رتوديرو جو گارڊ ۽ ٻيا پوليس اهلڪار ساڻ ڪري روزانو شهر جي مختلف دڪاندارن کان ڀتو اڳاڙيندو هيو جنهن کي مون اڄ ڀتو ڏيڻ کان جواب ڏنو ته مون مٿان ڏمرجي پيو ۽ ٻين اهلڪارن سميت تشدد ڪري منهنجو کير روڊ تي هاري روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ اڳرا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏنيون. لاڪ ڊائون دوران کير وڪڻڻ وارن بيروزگارن کي سنڌ حڪومت طرفان اجازت پڻ مليل آهي پر پوءِ به هو ورديءَ جو غلط استعمال ڪندي شريف مزدور شهرين کي بلا جواز تنگ ڪري رهيا آهن.هن چيو ته پوليس مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.هن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته  ايس ايڇ او ۽ ملوث پوليس اهلڪارن جي ظلمن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو