ڀتا خورن بابت وضاحت پڇڻ تي جسقم ڪارڪن کنڀجي ويا

پڊعيدن (مجاهد شر) جيئي سنڌ قومي محاذ يعني جسقم جي ضلعي نوشهروفيروز جي صدر امام بخش عمراني، پڊعيدن جي صدر عمران چانڊيو، تعلقي صدر حاڪم علي شيخ جساف صدر عاشر راڄپر، وسيم احمد سولنگي ثناء الله لاشاري زاھد عمراڻي وسيم ابڙو الطاف حسين انصاري ۽ ٻين قومي ڪارڪنن پڊعيدن سٽي پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پڊعيدن جا ڪجھ ماڻھو پاڻ کي حساس اداري جا سان وابسطا هجڻ جو ظاھرڪري اسان جي قومي ڪارڪنن کي حراسان ڪري  پنھنجا ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ مختلف طريقن سان هيسائي ۽ ڌمڪائي رھيا آھن. اسان جي ڪارڪنن کان رقم جو مطالبو به ڪيو ٿو وڃي اسان حساس ادارن جي اعلي اختيارين، سپريم ڪورٽ ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ٿا ڪريون ته هو ان معاملي جو نوٽس وٺين. هنن جي اهڙي پريس ڪانفرنس بعد ڪلاڪ اندر رينجرز ۽ پوليس ٻن جاين تي ڌار ڌار ڪيل ڪاروائين ۾ چاپا هڻي دريا خان مري ۾ امام بخش عمراڻي جي گهرڇاپو هڻي سندس پٽ کي کنڀي ويا ۽ پڊعيدن مان عاشر راڄپر جي والد موجب سندس پٽ کي رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪاروائي ڪري ڇاپو هڻي کنڀي کڻي ويا. سندس والد چيو ته روز اخبارن ۾ پڙهون ٿا ته فوجي وردي ۾ ڪو ڪوڙو ڪپتان اسمگلنگ ٿو ڪري ته ڪو ڪوڙو ميجر سڏائي ڀتا خوري ٿو ڪري، منهنجي پٽ جو قصور اهو آهي ته هن اهڙن ڪردارن بابت قومي ادارن کي اپيل ڪندي رڳو وضاحت پڇي جنهن تي کيس کنڀي ويا. هن چيو ته اهو سڀني لاءِ ٻڏڻ جو مقام آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪشميرفليش پوائنٽ بڻيل آهي پوري دنيا پريشان آهي پر اسانجي پوليس ۽ رينجرز پنهنجي شهرين سان بدترين سلوڪ ڪري رهيا آهن.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو