ڀاڻ جي ٻوري تي 22 سو ٽيڪس هڻي هاري ڪارڊ پيا ورهائن، وساڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)زراعت بابت  وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته  هاري ڪنوينشن ۾ عمران خان خطاب دوران اهڙيون ڳالهيون ڪيون جن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته هاري ڪارڊ وسيلي هارين کي رليف فراهم ڪنداسين، ۽ هن  اڍائي لک ڪارڊ ورهائڻ جو اعلان ڪيو. کيس شايد خبر ناهي ته هن ملڪ ۾ پنجويهه لک کان مٿي هاري خاندان رهن ٿا، هن وقت ڊي اي پي جي قيمت ڇهه هزار ٿي وئي آهي، ڊي اي پي جي هڪ ٻوري تي 24 سئو ٽيڪس هنيو پيو وڃي، هاري ڪارڊ اسڪيم مان هارين کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. هن چيو ته 10 سيڪڙو هارين کي ڪارڊ ڏئي 90 سيڪڙو هارين کان ٽيڪس جي مد ۾ پيسا اوڳاڙيا پيا وڃن، عمران خان کي شايد بهتر نموني بريف نه ٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته نواز سرڪار جي دور ۾ ڊي اي پي 36 سئو هئي جيڪا هاڻي 6هزار ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ هن وقت ٽائين ڪپهه جو اگهه مقرر نه ٿيو آهي، ڪڻڪ جو اگهه به وفاق صوبن کان گهٽ مقرر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو