ڀاڻواري درگاهه جي ميلي تي آيل شخص قتل

سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي)کپرو ويجهو ڳوٺ ڀاڻواري درگاه مٽن واري تي لڳل سالياني ميلي دوران هٿيار بندن جي فائرنگ 55 ورهين جو ڳوٺاڻو شمن علي راڄڙ ولد کٻڙ قتل قتل ٿيل ڳوٺاڻي جو تعلق ڪوٽ ڏيجي لڳ خيرپور ميرس سان ٻڌايو پيو وڃي. ذريعن موجب سال اڳ ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿيا هئا اهو قتل ان پلاند ڪيو ويو مقتول جو مڙه تعلقي اسپتال کپرو آندو ويو اطلاع تي کپرو پوليس پڻ تعلقه اسپتال کپرو پهتل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو