ڀارت ۾ مسلمانن جي قتل عام خلاف احتجاج

چيلها‌ر(ساجدنهڙيو)چيلهار ۾ مختلف مذهبي جماعتن، واپارين، هندو پنجائت ۽ مقامي نوجوان اتحاد  پاران ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم ۽ بربريت خلاف.ڪشميرين سان اظھار يڪجهتي طور  شٽر بند هڙتال ڪري وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو آھي. واپاري ايسوسئيشن پاران سڄي شھر جو ڪاروبار بند رکي احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪئي ويئي. ريلي ۾ شريڪ سوين شھرين ۽ مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن ڀارت ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم خلاف  ڪشميرين جي حق ۾ سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي  ٽائون ڪاميٽي چيلهار جي چيئرمين پرديپ مهراج.ٿر جي سينيئر صحافي غازي نهڙيو.امتياز نور ڪنڀر.اڪبر علي بجير ريجهومل راٺوڙ  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آھي  ته ڀارت ۾ مسلمانن جو بي دردي سان قتلام کليل ڊهشتگري ۽ عالمي قانونن جي سخت خلاف ورزي آھي جنهن جو نوٽيس وٺي ڀارت جي بدمعاشي بند نه ڪئي ويئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو