ڀارت ۾ قيد ماهيگيرن جي زالن جو آزادي لاءِ مظاهرو

ڪيٽي بندر )سلطان کٽي(جنگسيرجي انڊيا ۾ قيد ماهگيرن جي ونين ۽ ڳاڙھو شھرجي سوين ماهگيرعورتن پنهنجي معصوم ٻارن سميت ڪيٽي بندر ميرپورساڪروقومي شاهراهه تي گڏ ٿي احتجاجي ڌرڻو هڻي ڏيڍڪلاڪ روڊ بند ڪري ڇڏيو. جنهن سبب ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. ڍيڍ ڪلاڪ گذرڻ  بعد اي سي گھوڙاٻاري اي سي ڪيٽي بندر ڊي ايس پي ڳاڙھو ۽ رينجرز جا دستا احتجاج واري هنڌ پهتا ۽ ماهگير عورتن سان ڳالهيون ڪري کين بندروڍ کولرائڻ تي راضي ڪيو. هنن کين خاطري ڪرائي ته جلد وفاقي حڪومت ڀارتي حڪومت سان قيد مهاڻن جي آزادي بابت معاملو اٿاريندي. ياد رهي ته درجنين ماهيگير ڪيترن مهينن کان ڀارت ۾ قيد آهن.ٻئي ملڪ هڪٻئي جي مهاڻن کي خلاف ورزي جي الزامن ۾ گرفتار ڪندا رهندا آهن ۽ بعد ۾ دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ مهينن بعد انساني همدردي جي نالي تي آزاد ڪندا آهن. ،مصيبت ۾ ويچارا سندن گهر ڀاتي هوندا آهن. جيڪي ويلو ڪڍڻ لاءِ به پريشان هوندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو