ڀارت ۾ عام چونڊون جاري، 5 کدڙا فقيربه ميدان ۾

نئين دلي(م ڊ) ڀارت ۾ خميس کان پهرين مرحلي ۾ عام چونڊون شروع ٿي ويون آهن، 20 رياستن ۽ وفاقي علائقن جي 91 سيٽن لاءِ پولنگ مڪمل ٿي وئي آهي. جنهن ۾ 20 رياستن جي اهل ووٽرز جو انگ 14 ڪروڙ 20 لک آهي. مجموعي طور ڀارتي پارليمان جي 543 سيٽن لاءِ ستن مرحلن ۾ ٿيندڙ چونڊ عمل 39 ڏينهن جاري رهندو ۽ 23 مئي تي ڳڻپ شروع ٿيندي. حڪمران ڀارتي جنتا پارٽي 273 سيٽون کٽي ٻيهر حڪومت ٺاهڻ لاءِ پراميد آهي. جڏهن ته ڪانگريس بي جي پي کي شڪست ڏيڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. اڄ کان شروع ٿيل ڀارتي عام چونڊن ۾213 اهڙا اميدوار حصو وٺي رهيا آهن جن تي ڪرمنل ڪيس داخل آهن ۽ انهن مان سڀني جو وڌيڪ تعداد يعني 35 جو تعلق ڪانگريس ۽ 30 اميدوارن کي بي جي پي ٽڪٽ ڏني آهي. جڏهن ته باقي ڪرمنل ڪيسن وارن اميدوارن جو تعلق 17 ٻين ننڍين ننڍين پارٽين سان آهي. ڀارتي عام چونڊن ۾ 5 کدڙا فقير به چونڊ وڙهي رهيا آهن ۽ سندن مقابلو ڀارت جي مشهور ۽ روايتي سياسي خاندانن جي اميدوارن سان آهي. 10 مارچ تي جڏهن ڀارت ۾ چونڊن جو شيڊول جاري ٿيو هو ته چونڊ مهم به زور پڪڙيو هو ۽ وزيراعظم مودي 16 رياستن ۾ عوامي ڀلائي جي ڪيترن منصوبن جو اعلان پڻ ڪري چڪو آهي. ڪانگريس جي ڀيٽ ۾ ٽيڪنالوجي جي استعمال ۾ بي جي پي ڪافي اڳتي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو