ڀارت افغانستان کي 66 رنز تان شڪست ڏئي فتح جو کاتو کولي ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 ٽيمن ۾ ڀارت ۽ افغانستان ۾ کيڏيو ويو. افغانستان ٽاس کٽي انڊيا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڀارت مقرر اوورز ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنز اسڪور ڪيون. جنهن جي جواب ۾ افغانستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر اوورز ۾ 144 رنز اسڪور ڪري سگهيو ۽ ڀارت 66 رنز تان کين شڪست ڏئي فتح جو کاتو کوليو.ڪريم جنت 22 بالن تي 42 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، محمد نبي 32  بالن تي 35 ۽ رحمان الله گرباز 10 بالن تي 19 رنز اسڪور ڪيون. ڀارت پاران مهمد شامي 3، ايشون 2 ۽ جديجا هڪ وڪٽ ورتي. ان کان اڳ ڀارت پاران روهت شرما ۽ ڪي ايل راهول اننگ شروع ڪئي ۽ 140 رنز جي اوپننگ پارٽنر شپ ٺاهي ڀارتي ٽيم کي بهترين بنياد فراهم ڪيو، ٽورنامنٽ ۾ رڪارڊ پارٽنر شپ قائم ڪئي. 140 جي مجموعي اسڪور تي روهت 3 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 47 بالن تي 74 رنز ٺاهي ڪريم جنت جي بال تي ڪپتان محمد نبي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد 147 جي اسڪور تي ڀارت جي آخري وڪيٽ ڪري جڏهن ٻيو اوپنر به گلبدين نائب جي بال تي 69 تي بولڊ ٿي ويو. هن 48 بالن جي اننگ ۾ 2 ڇڪا ۽ 6 چوڪا هنيا. جنهن بعد ڪپتان ڪوهلي جيڪو پيڊ پائي ويڄو هو تنهن پاڻ اچڻ بدران وڪٽ ڪيپر بيٽسمين رشاب پانٽ بعد هاردڪ پانڊي کي موڪليو. جن بهترين هٽنگ ڪئي. رشاب 3 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هنيو 13 بالن تي 27 تي ناٽ آئوٽ رهيو، پانڊي به 13 بال کيڏيا ۽ 2 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هڻي 35 تي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ ڀارت 211 جو ٽارگيٽ ڏنو. ياد رهي ته گروپ بي ۾ پاڪستان 4 ميچ کيڏي 8 پوائنٽن سان ٽاپ تي آهي ۽ سيمي فائنل ۾ انگلينڊ جيان پوزيشن پڪي ڪري چڪو آهي. نيوزيلينڊ ۽ افغانستان هن کان اڳ ٽي ٽي ميچ کيڏيا ٻنهي هڪ هڪ ميچ هارائي ۽ ٻه به کٽيون آهن ٻنهي جا پوائنٽ ته برابر يعني 4 آهن پر بهتر رن ريٽ سبب افغانستان ٻئي نمبر تي آهي. ڀارت ٻه ميچ کيڏيا ٻئي هارايا آهن.  اڄ 3 وڳي آسٽريليا ۽ بنگلاديش جو ميچ ٿيندو ۽ شام 7 وڳي ويسٽ انڊيز ۽ سريلنڪا ۾ ميچ کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو