ڀارت جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ فواد چوڌري جو نسخو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي پهرين ڪاميابي تي طنزيه ٽويٽ ڪئي آهي. فواد چوڌري هڪ ميم ٽوئيٽ ڪئي ۽ پنهنجي ٽويٽ ۾ هن ” ٽي ٽوئنٽي ميمز“ جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو. وفاقي وزير ڀارت ۽ نيوزيلينڊ کي ٽرول ڪندي لکيو ته ڀارت هاڻي به سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو جيڪڏهن هو سيڪيورٽي خدشا ڄاڻائي نيوزيلينڊ کي جعلي اي ميل موڪلي ته جيئن نيوزيلينڊ سيريز ڇڏي واپس هلي وڃي. واضح رهي ته سيپٽمبر ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان ۾ پهرين ون ڊي ميچ ٿيڻ کان ڪجهه ئي پل اڳ سيڪيورٽي خدشي جو بهانو بڻائي پاڪستان کان سيريز ختم ڪري واپس هلي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو