ڀارتي هاڪي ٽيم41 سالن بعد تمغو کٽي ورتو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) ٽوڪيو اولمپڪس ۾ ڀارتي هاڪي ٽيم 41 سالن کان پوءِ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.ٽوڪيو اولمپڪس ۾ کيڏيل هاڪي ميچز ۾ ڀارت جرمني کي 4-5 تان شڪست ڏئي پتل جو تمغو پنهنجي نالي ڪري ورتو. اهو ڀارتي هاڪي ٽيم جو 1980ع کان پوءِ اولمپڪس ۾ کٽيل پهريون تمغو آهي.جرمني جي رانديگر اوروز ميچ جي ٻئي منٽ ۾ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 0-1 جي سرسي ڏياري پر سمرنجيت سنگهه 17 هين منٽ ۾ گول ڪري اسڪور 1-1 سان برابر ڪري ڇڏيو.جرمني طرفان نڪولس ويلن 24 هينمنٽ ۽ پوءِ بيبيڊيٽ فرڪ 25 هين منٽ ۾ گول ڪري سرسي 1-3 ڪري ڇڏي.ميچ جي 27 هين منٽ ۾ هردڪ سنگهه ۽ 29 هين منٽ ۾ هرمن پريت گول ڪري ميچ ٻيهر برابر ڪري ڇڏيو.ميچ جي 31 هين منٽ ۾ روپندرپال سنگهه پنالٽي اسٽروڪ تي گول ڪري ڀارتي ٽيم کي ميچ ۾ پهريون ڀيرو 3-4 سان سرسي ڏياري. سمرنجيت سنگهه 34 هين منٽ ۾ گول ڪري اسڪور 3-5 ڪري ڇڏيو.ميچ جي آخر ڪوارٽر ۾ ڀارت ۽ جرمني ٻنهي هڪ ٻئي جي گول تي لاڳيتو حملا ڪيا.

48 هين منٽ ۾ لاڪا ونفيڊر هڪ گول ڪري ڀارت جي سرسي کي گھٽ ڪري اسڪور4-5 ڪيو پر ان کان پوءِ ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگھي. ڀارت ۾ هاڪي ٽيم جي ڪاميابي تي ايترو ته جشن ملهايو پيو وڃي ڄڻ هنن گولڊ ميڊل کٽيو آهي. ياد رهي ته پاڪستان هاڪي 4 ڀيرا اولمپيئن چيمپئن هئڻ باوجود فنڊز نه هئڻ ڪري هن ڀيري اولمپڪس کان ٻاهر آهي. حيرت آهي ته هڪ اسپورٽسمين وزيراعظم آهي پر بدقسمتي سان راندين جي شعبن جي اڪثر سربراسهي رٽائر فوجين وٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو