”اندروني مسئلو آهي“ ڀارت جو موقف، پاڪستان رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڀارت پاران ڪشمير ۾ ورتل اپائن کي اندروني معاملو قرار ڏيڻ واري موقف کي پاڪستان رد ڪري ڇڏيو آهي. خميس تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اقوام متحده جي ٺهرائن موجب ڪشمير تڪراري مسئلو آهي ۽ پاڪستان ڪشمير جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڀارت پاران پاڪستان کي سفارتي رابطا گهٽ ڪرڻ واري فيصلي تي نظر ثاني جي اپيل به پاڪستان رد ڪئي آهي. ڪرتار پور لنگهه بابت سوال تي هن چيو ته اهو کليلل رکنداسين ڇو ته اسين سڀني مذهبن جو احترام ڪريون ٿا. حن ٻڌايو ته اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن جي سفيرن کي بريفنگ ڏني آهي اسين هي مسئلو سلامتي ڪائونسل ۾ اٿارينداسين. هن ڀارت کي 27 فيبروري ياد ڪرائيندي چيو ته ڪجهه به ڪرڻ کان اڳ ڀارت کي اهو ڏينهن نه وسارڻ گهرجي جنهن ڏينهن فضائي حدن خلاف ورزي ڪرڻ تي سندس 2 جهاز ڪيرايا ويا هئا. اسين مسلمان آهيون ۽ مسلمان صرف خدا کان ڊڄندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي اسين ان جي مذمت ڪريون ٿا. هوڏانهن ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ 6 ڄڻن کي شهيد ڪيو آهي 100 زخمي آهن ۽ 560 کان وڌيڪ گرفتاريون ڪيون آهن. ڪرفيو جهڙي صورتحال ۽ 30 هزار کان مٿي ڀارتي فورسز جي موجودگي باوجود ڪشميري ڀرپور احتجاج ڪري رهيا آهن. وادي ۽ سرينگر ۾ جيل ڀرجي ويا آهن جنهن بعد ڀرتي سرڪار نجي عقوبت خانه کوليا آهن جتي مٿن ظلم ڪيو ٿو وڃي. ياد رهي ته ڪالهه اربع تي پاڪستان اسلام آباد ۾ تعينات ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجي بساريه کي پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏئيندي نئين دهلي مان پاڪستاني هاءِ ڪمشنر کي واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس دوران والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال تي غور ويچار بعد ڪيل ان فيصلي جو اعلان پرڏيهي وزير خارجه شاهه محمود قريشي ڪيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، گهرو وزير اعجاز شاهه، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم او ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ اجلاس بابت جاري ڪيل پڌرنامي ۾ ٻڏايو ويو هو ته والاريل ڪشمير وارو معاملو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اٿاريو ويندو، ڀارت سان سفارتي تعلقات ڊيگريڊ يعني گهٽ ڪيا ويندا، ٻطرفي تجارت معطل، ٻه طرفن معاهدن تي نظر ثاني، 14 آگسٽ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي طور ملهائڻ، ڀارتي آزادي واري ڏينهن 15 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو هو. ڪميٽي آڏو اٿارڻ ۽ ڀارت سان سفارتي لاڳاپا محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس دوران ڀارت سان ٻطرفو واپار معطل ڪندي ٻطرفن معاهدن جو جائزو وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرنامي موجب اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان ڀارت جي وحشياڻي نسلي نظرين تي ٻڌل پاليسيون عالمي سطح تي وائکيون ڪرڻ لاءِ سمورا سفارتي رستا اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو