ڀارتي فوج جي فائرنگ لائن آف ڪنٽرول تي ٻه جوان شهيد

راولپنڊي(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڀارتي فوج جي ڪنٽرول لائن تي چڙ ڏياريندڙ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر ڪنٽرو لائن تي جنگبندي جي خلاف ورزي ڪئي ۽ لائن آف ڪنٽرول تي ڪوٽي رٽه سيڪٽر ۾ چڙ ڏياريندڙ فائرنگ ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جاب ڏنو جنهن سان ڀارتي فوج جي وڏي نقصان جون رپورٽون به اچي رهيون آهن، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا ٻه جوان لانس نائيڪ طارق ۽ سپاهي زروف شهيد ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو