ڀارتي فائرنگ ۾ 2 سا لن جو ٻار شهيد 4 ٻيا زخمي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستاني فوج جي ترجمان ٻڌايو آهي ته ڀارت ڪنٽرول لائن تي جنگ بندي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن م مختلف سيڪٽرز تي سندن فائرنگ ۾ ٻن سالن جو ٻار فوت ۽ 4 ٻيا زخمي ٿيا آهن. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته بروهه، ڌنڌنيال، رخچڪري ۽ چيري ڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهي آهي.

هن ٻڌايو ته بن سالن جو معصوم محمد حسيب ڌنڌنيال سيڪٽر ۾ شهيد ٿيو، 72 سالن جو بزرگ بروهه ۾ هڪ عورت سميت ٻه ٻيا زخمي ٿيا جن کي اسپتال پهچايو ويو آهي. بعد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي کي پرڏيهي کاتي ۾ طلب ڪري سخت احتجاج نوت ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو