ڀارتي اداڪارا 200 ڪرو جي ڀتي خوري ڪيس ۾ گرفتار

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي ناليواري اداڪارا لينا ماريا پال کي 200 ڪروڙ رپين جي ڀتارخوري جي ڪيس ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب انفورسمنٽ ڊائريڪٽر طرفان جاچ جي ٻن هفتن کانپوءِ  اداڪارا کي دهلي پوليس جي اڪنامڪ آفنسز ونگ  گرفتار ڪيو آهي. مٿس الزام آهي ته هن ناليواري ڪاروباري خاندان کان 200 ڪروڙ رپين جي ماليت جو گاڏيون ۽ گهر بطور ڀٽو وصول ڪيون. باليووڊ اداڪارا لينا ماريا 2013 ۾ جان ابراهيم جي فلم ”مدراس ڪيفي“ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو. اداڪارا لينا مارياجي بواءِ فرينڊ سوڪيش چندر شيڪر کي تازو ئي بينڪ مينيجرسميت دوستن سان گڏ ڀتي خوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. جڏهن کائنس جاچ ڪئي وئي ته هن اداڪارا جي به ملوث هئڻ جو انڪشاف ڪيو. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 23 آگسٽ تي ڪارروائي دوران 16 تمام مهانگيون گاڏيون، چنئي ۾ سمنڊ ڪناري تي واقع بنگلو، 52.5 لک رپيا ڪيش، 2 ڪلو سون قبضي ۾ ورتو ويو هو. اهي سموريون شيون اداڪارا کان جاچ کانپوءِ ڪارروائي ڪندي قبضي ۾ ورتيون ويون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو