ڀائر ۽ ڀائٽيا زمين مان حصو نٿا ڏين، جان جو خطرو آهي، کرل

خيرپور(ن سنڌيار)نامياري مرحوم ليکڪ نسيم کرل ۽  ايم پي اي نعيم کرل جو ويڳو ڀاءُ تسليم کرل ڀائرن ۽ ڀائٽين جي زيادتين خلاف احساس وومين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي آفيس پهچي ويو، انصاف جي گهر ڪندي هن چيو ته بابا امان کي ديهه سائدي مان چار سئو ايڪڙ زمين ڳوٺ وارن جي سامهون لکي ڏني، 10 سالن جي عمر ۾ مون کي هيسائي صحيحون ورتيون ويون ته آئون کانئن حصو نه گهرندس. تسليم کرل چيو ته ايم اي پاس ڪرڻ بعد ٻنين جو حصو گهريو ته انڪار ڪيو ويو، خاندان جي عزت خاطر خاموش رهيس ۽ انتظار ڪندو رهيس هاڻي حصو ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو ويو آهي. تسليم کرل چيو ته نعيم کرل ٻيا ڀائر ۽ ڀائٽيا حصو گهرڻ تان ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته تنهنجو ملڪيت تي ڪوبه حق نه آهي. هن الزام هنيو ته ڊي آءِ جي شرجيل کرل جو ڀائٽيو چالان ڪرڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي، ڀائٽي فيصل دارا ڳوٺ وارن جي سامهون منهنجي مٿان بندوق تاڻي منهنجي 83 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي. تسليم کرل چيو ته ويڳا ڀائر قرآن شريف تي فيصلو ڪري به ڦري ويا، ڀائرن ۽ ڀائٽين مان جان جو خطرو آهي نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو