ٿيليسيميا جي مريض ٻارڙن لاءِ وڪيلن پاران رت جو عطيو

نواب شاھ (ن س)ٿيلسيميا جي مريضن کي رت جو عطيو ڏيڻ لاء ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن شھيد بينظيرآباد پاران ڪيمپ لڳائي وئي جنھن ۾ وڪيلن ، توڙي اسٽاف پڻ شرڪت ڪري رت جو عطيو ڏنو . ان موقعي تي بار جي جنرل سيڪريٽري علي رضا چنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري جتي ماڻھون گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن اتي وري رت جي عطيي جون ڪيمپون نه لڳڻ ڪري کوٽ پيدا ٿي آهي. جنھن ڪري معصومن جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي ھئي جنھن کان پوءِ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن وڪيلن کي اپيل ڪئي جن ڀرپور شرڪت ڪري رت جو عطيو ڏنو ۽ عوام کي پڻ اپيل آھي ته ھن وقت ھر ڪو شخص رت جو عطيو ڏي ٿيليسيميا سينٽر کي ته جيئن معصومن جي زندگي بچي سگھي ان موقعي تي بار جي عهديدارن سان گڏ ٿيلسيميا جي انتظاميه پڻ ميڊيا سميت وڪيلن ۽ ڪورٽ ملازمن جي ڀرپور رت جو عطيو ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو جڏھن ته بينظيرآباد پريس ڪلب جي صدر اي ڪي ڏاھري ۽ سندس ٽيم کي ٿيلسيميا سينٽر تي رت واري کوٽ تي عوام تائين آواز پھچائڻ تي بار جي جنرل سيڪريٽري علي رضا چنا ۽ مئنيجر ٿيليسيميا سينٽر غلام نبي چنا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو .

پهنجو تبصرو موڪليو