ٿيليسميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارن ۾ تحفا تقسيم

سڪرنڊ ( رپورٽ راڄڪمار اوڏ) ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن جي منهن تي مرڪون وکيرڻ لاءِ اسٽار گرامر اسڪول نوشهرو فيروز جي ٽيم پرنسپال شاهد حسين سمون جي سربراهي ۾ ٿيليسميا ڪيئر سنٽر نوابشاھ پهچي ٿيليسميا جي ٻارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين سندن مزاج ۽ عمر جي حساب سان رانديڪا ، رنگين پينسلون ، ڪاپيون  ۽ هيڊ ڪيپس تحفي طور ڏنا جڏھن ته کين چاڪليٽ . بسڪيٽ  وغيره  پڻ پيش ڪيا ان موقعي تي هنن کي اداري جي جوائنٽ سيڪريٽري غلام النبي چنه ۽ مينيجر مجيب الرحمان خاصخيلي ڪيئر سينٽر جي مختلف شعبن جو معائنو ڪرايو جنهن ۾ ميل وارڊ ، فيميل وارڊ ، بلڊ بينڪ ۽ ليبارٽري  شامل هئا کين اهو به ٻڌايو ويو ته اداري ۾ سمورن مريض ٻارڙن کي رت ڏيڻ سان گڏ کين دوائون پڻ مفت ڏنيون وينديون آهن جڏھن ته سندن لاءِ منجهند جي مانيءَ جو پڻ اهتمام ٿيل هوندو آهي جيڪو پڻ مفت آهي معائني ڪرڻ بعد ڪارڪردگي مان متاثر ٿي شاهد حسين سمون سينٽر جي سيڪريٽري ڊاڪٽر  صادق سيال سان ملاقات ڪري کين 25 هزار روپيه ٻارن جي دوائن لاءِ عطيو ڏنو جڏھن ته يارهين ربيع الاول تي نوشهرو فيروز ۾ ميگا بلڊ ڊونيشن ڪيمپ جي اهتمام جو اعلان پڻ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو