ٿر ۾ وسڪارو، کنوڻ ڪرڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو

اسلام ڪوٽ (رپورٽ صادق بجير) ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ تيز ھوا سان برسات، کنوڻ ڪرڻ سبب نوجوان فوت، گرمي جو زور ٽٽي ويو. ٿرپارڪر جي مختلف علائقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ تيز طوفاني هوا سان برسات، ڳوٺ ميھاري بجير ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب نوجوان نظام الدين ولد بادل بجير بيھوش ٿي ويو، جنھن اسلام ڪوٽ نيو پئي ويو وچ رستي ۾ فوت ٿي ويو، ٻئي طرف برسات سبب علائقن ۾ گرمي جو زور ٽُٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي ويئي، ماروئڙن جي چهرن تي مرڪون نکري آيون، انھي سلسلي ۾ موسميات کاتي موجب: اسلام ڪوٽ  ڀارت کان ايندڙ امڪاني برساتن جو سلسلو جاري رھندو، جيڪو 17 تائين ختم ٿيندو، برساتن جو جو ٻُڌي ٿرپارڪر جي رهواسين ۾ خوشي جي لھر ڇانيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو