ٿر ۾ علاج جي سهولت نه ملڻ سبب 6 ٻارڙا فوت، متاثرن جو احتجاج

مٺي/ ڪلوئي لياقت ۽ غلام مصطفيٰ نھڙیو) سول اسپتال مٺي ۽ هميرا ٻائي ڊسپينسري ۾ علاج جي سهولت نه هئڻ سبب 6 ٻارڙا فوت تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. مٺي ۾ انتظاميا جي نااهلي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن بعد رڳو مٺي ۾ هلندڙ مهيني فوت ٿيل ٻارن جو انگ 29 ٿي ويو آهي. اسپتال انتظاميا پاران ايمبولنس نه ڏيڻ ڪري وارث معصومن جا لاش موٽرسائيڪل ۽ پرائيوٽ گاڏين تي کڻي وڃڻ تي مجبورٿي ويا. انهن فوتي ٻارڙن ۾ روپلي ڪولهي، جاويد اقبال ۽ يونس جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل آهن ۽ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 29 ٿي ويو آهي. جڏهن ته مٺي اسپتال ۾ اختيارن جي سرد جنگ به جاري آهي، اي ايم ايس ڊاڪٽر چمن شرما لابنگ ڪري سول سرجن جاويد اقبال چانڊيو کي هٽرايو ۽ هاڻي چارج ڊاڪٽر چمن شرما حوالي هجڻ بعد انتظامي نااهلي سبب اسپتال ۾ فوت ٿي ويندڙ مريضن توڙي معصوم ٻارڙن جي لاش کڻي وڃڻ لاء ايمبولنسن جو خراب هجڻ ۽ تيل نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي انڪار ڪري ڇڏي ٿو.

مٺي ۾ ڪتي جي چڪ جي علاج واري ويڪسين غائب آهي

جنهن ڪري ٻارڙن جا وارث سڄي رات لاش ٻاهر گيٽ تي رکي پرائيوٽ گاڏي جو انتظار ڪندا رهيا. اهڙي انتظامي نااهلي باوجود مقامي چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي اسپتال انتظاميا خلاف ڪاروائي جي زحمت نه ڪئي آهي. هوڏانهن مٺي اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءَ واري ويڪسين به موجود ناهي. هوڏانهن ڪلوئي تعلقي جي هميرا ٻائي ڊسپنسري ۾ ڊاڪٽر ۽ علاج جي سهولت نه هئڻ سبب 3 ٻارڙا تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. وارثن پاران صحت کاتي جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو، مظاهرين ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج کان نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو. ڳوٺ هميراٻائي جي رهواسي پورهيت منظور ساهڙ جا ٻه ٻارڙا ۽ ڳوٺ ڀٽارو واسي پورهيت يونس سومرو جو هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويا آهن. وارثن موجب هنن ٻارڻ کي فوري طور گيس جي ضرورت هئي جيڪا هميرا ٻائي ڊسپنسري ۾ نه هئڻ ڪري هو فوت ٿي ويا. ڳوٺاڻن لکانو، امان الله، مانجھي، منظور ساهڙ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته اسان ڪافي ڀيرا صحت کاتي ٿرپارڪر کي درخواستون ڏنيون آهن ته ڳوٺ هميراٻائي جي ڊسپينسري ۾ ڊاڪٽر مقرر ڪيو وڃي پر هنن ڊاڪٽر مقرر نه ڪيو جنهن ڪري اسانجا ٻارڙا فوت ٿي ويا. هنن چيو ته ٿرپارڪر ۾ بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو اڳ ۾ ئي پريشان آهن ۽ ٻئي پاسي سرڪاري کاتن جي لاپرواهي سبب عوام وڌيڪ آزار ۾ آهي. سنڌيار پاران جڏهن هميرا ٻائي ڊسپينسري ۾ ڊاڪٽر ۽ علاج جي سهولت نه هئڻ بابت ڊپٽي ڪمشنرٿرپارڪر شهزاد ٿهيم چيو ته هو صحت کاتي سان رابطو ڪري ان باري ۾ پڇاڻو ڪندو ۽ جلد ڊاڪٽر مقرر ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو