ٿر ۾ برسات سبب ماروئڙن جون مرڪون موٽي آيون

اسلام ڪوٽ (رپورٽ: صادق بجير)ٿرپارڪر ۾ لڳاتار ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، تعلقي اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڏاھلي، ننگرپارڪر ۾ گجگوڙ سان زبردست وسڪارو، ڏڪاري حالتن جا ستايل ماروئڙن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي. انھيءَ  سلسلي ۾ ٿر واسين جو چوڻ آهي ته هن ڀيري ٿر ۾ دير سان برساتون پيون آهن، گهربل برساتون نه پوڻ ڪري ٻنين ۾ پوکيل فصل سڙي سُڪي پيا آھن، هاڻي مال مويشي لاءِ گاھ، چارو وغيره ٿيڻ جي اميد آھي  گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻي جي سهولتن کان وانجهيل علائقن جو بحران ختم ٿيڻ جو پڻ امڪان آھي.

Photo Sindhyar

ان ھوندي به ڪجھ علائقن ۾ ساوڻي جي برسات نه ٿي آھي، جنهن جي ڪري ڏُڪار جو راڪاس اڃان ناھي ٽريو، ٻئي طرف برسات ۾ ڀنل علائقن جا منظر خوبصورت بڻجي ويا آھن، جوڳي فقير به وڏي تعداد ۾ ٿر پهچي ويا آھن، جن مرليون وڄائي برسات جي آجيان پڻ ڪئي آھي، موسميات کاتي موجب: ايندڙ ٻن ڏينهن تائين برسات جو سلسلو جاري رھندو. اڌ ڪلاڪ جي برسات پبلڪ ھيلٿ کاتي جي پت وائکي ڪري ڇڏي٠ شھر تلاءُ ۾ تبديل، پبلڪ ھيلٿ کاتي پاران پاڻي جي نيڪال جي لاءِ لڳاليل مشنيون پڻ ناڪارہ ھجڻ سبب نه ھلي سگهيون جڏھن ته ڊرينج سسٽم ناڪاره ھجڻ ڪري گٽر نالا پڻ روڊن تي اٿلي پيا آھن، جنھن سبب گٽرن جو گندو پاڻي پڻ شھر جي مارڪيٽن جي دڪانن ۽ گھرن ۾ ڪاھي پيو جنھن سبب رھواسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ھوڏانھن سرڪاري اسپتال ڏانھن ويندڙ روڊ تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل رھيو جنھن سبب مريض اسپتال وڃڻ دوران سخت ڏکيائين کي منھن ڏيندا رھيا جڏھن ته لوھار پاڙو سوٽھڙ پاڙو ۾ پاڻي گھرن جي اندر ڪاھي پيو جنھن سبب رھواسي سخت پريشان آهن.

Photo Sindhyar

ڏھ ڏينھن اڳ موسميات کاتي پاران ٿر ۾ زوردار برساتن جي اڳڪٿي ڪرڻ جي باوجود پبلڪ ھليٿ کاتي پاران نيڪالي وارو سسٽم ٺيڪ نه ڪيو.  برسات ڪرپٽ ٺيڪيدار جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا هاءِ اسڪول اسلام ڪوٽ ۾ تازو مرمت ٿيل ڪمرا برسات سبب ٽمي پيا، پاڻي ڪلاسن ۾ داخل ٿي ويو  آهي. ڪمرا ٽمڻ جي ڪري فرنيچر پڻ متاثر ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو