ٿر ڪول چيني پورهيت فوت، پاڪستاني زخمي

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )ٿرڪول بلاڪ ون جي پاور پلانٽ تي ڪم ڪندي چائنيز ورڪر 90  فٽ جي بلنديء تان ڪري فوت، ھڪ ٻيو مزدور زخمي ٿي پيو. ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ پورهيتن لاء سيفٽي ڪِٽ نه هجڻ سبب واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، ڪالهه هڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ چيني  شهري زانگ زو ڪنگ بلاڪ ون جي پاور پلانٽ تي ڪم ڪندي  90 فٽ  جي بلندي تان  ھيٺ ڪري ٿڏي تي ئي  فوت ٿي ويو، جڏھن ته ھڪ نوجوان شاهد حسين  زخمي ٿي پيو،چيو وڃي ٿو ته بلاڪ ون تي ڪمپني انتظاميه پاران پورهيتن لاء سيفٽي ڪٽ جو بندوبست نه هجڻ سبب انساني زندگين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو