ٿر ڪول صحت ۽ حفاظت اپائن جي آڊٽ جو حڪم

ڪراچي اسٽاف رپورٽر)توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ جي صحت ۽ حفاظت جي آڊٽ جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ ۽ خاص طور تي ٿر ڪول بلاڪ 1 ۾ صحت ۽ حفاظت سان لاڳاپيل ڪجھ واقعن جي روشنيءَ ۾ ، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آھي ته صحت ۽ حفاظت جي ضرورتن جو انتظام جديد ترين انداز ۾ ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ٿر ڪول بلاڪ -1 ،۽ بلاڪ -2  ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي صحت ۽ حفاظت جي انتظامن جي ISO سرٽيفائيڊ فرم کان سروي ڪرڻ کانپوءِ تصديق ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ توانائي کاتي جي آفيسرن سان ملاقات دوران ڪيو. امتياز احمد شيخ چيو ته سنڌ حڪومت جو اهو فيصلو ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ کي جديد گهرجن مطابق بڻجي سگهندو  صحت ۽ حفاظت جي سروي دوران ڪنهن به قسم جي ڪمزوري يا کوٽ کي دور ڪيو ويندو. امتياز احمد شيخ چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ کي عالمي گهرجن مطابق هڪ جديد ترين پاور پراجيڪٽ طور اجاگر ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو