ٿر اڃا به پوئتي پيل آهي! ڊاڪٽر توصيف احمد خان

ٿر هونئن ته پوئتي پيل آهي، ٿر ۾ اڃا به تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪي گهڻا بهتريءَ جا آثار نٿا ملن. سنڌ حڪومت هر سال ٿر جي ترقيءَ تي اربين رپيا خرچ ڪري رهي آهي پر سنڌ جي انساني حقن جي ڪميشن (SHRC) جي هڪ فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٿر ۾ سوشل انڊيڪيٽر پوئتي سفر ڪري رهيا آهن. ڪميشن جي سربراهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ تفصيل بيان ڪندي ان حقيقت جو اظهار ڪيو آهي. هن وقت هڪ اهم مسئلو ڪارونجهر جبل جي سلسلي مان معدنيات ڪڍڻ آهي. علائقي جي ماڻهن جي احتجاج تي انهن جبلن جي سلسلي مان في الحال معدنيات ڪڍڻ جو ڪم روڪيو ويو آهي. ڇو ته معدنيات ڪڍڻ سان علائقي جي ماڻهن جو روزگار متاثر ٿي رهيو آهي، ماحوليات جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.

جبل ٿر جو ثقافتي ورثو آهي. ان ورثي کي ڪنهن به صورت ۾ نقصان نه پهچڻ کپي. ڪميشن جي ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان علائقي ۾ ڪم ڪرڻ وارا ٺيڪيدار ٻين علائقن مان مزدور گهرائي ڪم ڏين ٿا ۽ مقامي مزدورن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ڪميشن جي سامهون جيڪي شهادتون آيون آهن، هنن ٻڌايو ته مقامي مزدورن کي جيڪڏهن ڪم تي رکيو به ويو ته انهن کي ٻاهرين مزدورن جي مقابلي تي گهٽ اجرت ڏني وئي. ڪميشن جي ميمبر ان علائقي جو دورو ڪيو، جتي 26 ماڻهو آسماني بجلي ڪرڻ سان مري ويا هئا. حڪومت سنڌ اڃا تائين انهن مري ويل ماڻهن جي وارثن کي معاوضي جي ادائگي جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو.

ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٿر ڏڪار وارو علائقو آهي ۽ ماحول جي تبديلي جا اثر ٿر تي منفي انداز ۾ ظاهر ٿيندا آهن. پر حڪومت اڃا تائين ان علائقي ۾ ترت مدد جو ڪو نظام منظم ناهي ڪيو. اهوئي ڪارن هو جو بجلي ڪرڻ سان متاثر ٿيڻ وارن ماڻهن کي فوري طبي سهوليت نه ملي سگهي. جسٽس ماجده رضوي جو چوڻ آهي ته ٿر ۾ ٻارن جي مرڻ جي شرح اڃا به وڌيڪ آهي.

ان حوالي سان حڪومت جون دعوائون حقيقت کي تبديل نٿيون ڪري سگهن پر نون ڄمندڙ ٻارن ۽ مائرن جي مرڻ جو بنيادي ڪارن ننڍي عمر ۾ ڇوڪرين جون شاديون آهن. سنڌ ۾ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013 (Child marriage restraint act 2013) نافذ آهي. ان قانون تحت ڪميشن ٻارڙين جي شاديءَ تي پيءُ، گهوٽ، گواهن ۽ نڪاح پڙهندڙ جي خلاف فوجداري ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو. پر ان علائقي ۾ فرسوده روايتون ايتريون مضبوط آهن جو ننڍين ڇوڪرين جي شاديءَ جي منفي اثرن کي محسوس نٿو ڪيو وڃي. ننڍين ڇوڪرين جي شادي جي روايت مسلمانن ۽ هندن ٻنهي ۾ موجود آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان مسئلي جو گهڻو تعلق غربت سان آهي. ڇوڪرين کي پيدائش کانپوءِ مناسب غذا نٿي ملي. ائين ڇوڪرين جسماني طور تي ڪمزور يا مختلف بيمارين ۾ وٺجي وينديون آهن، ائين ئي انهن جي شادي به ٿي ويندي آهي. ان رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومت سنڌ جي صحت کاتي خانداني منصوبا بنديءَ جي نظام کي متعارف ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. غريب هاري هينئر به وڌ کان وڌ ٻار پيدا ڪرڻ کي پنهنجي روشن مستقبل سان جوڙين ٿا. ائين وڌيڪ ٻار پيدا ٿيڻ به نون ٻارن جي وڌندڙ موت جي شرح جو اهم ڪارڻ آهي.

ڪميشن مقامي ضلعي حڪومت ۽ پوليس کي هدايت ڏني ته ننڍين ڇوڪرين جي شاديءَ جي روڪٿام جي قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪوئلي جي کاڻن ۾ ڪم سان ننڍا ڳوٺ متاثر ٿيا آهن، جنهن ڪري ڳوٺ جي ٻيهر تعمير جي ضرورت آهي. پر ان علائقي ۾ ڪم ڪرڻ واري ڪمپني ان ڳوٺ جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

ڳوٺ جا ماڻهو وڏو مفاصلو طئي ڪرڻ تي مجبور آهن. گهڻا ئي ڳوٺ ان علائقي جي نقشي ۾ ظاهر نه ڪيا ويا آهن، پر اهي ڳوٺ صدين کان آباد هئا. ڪميشن جي رپورٽ ۾ عورتن ۾ خودڪشي جي وڌندڙ شرح تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي. خودڪشيءَ جي وڌندڙ مواد جي تياريءَ جو ڪارڻ ڊپريشن جو مرض آهي. ڊپريشن جي مرض جو تشخيص هڪ مشڪل عمل آهي. عام ڊاڪٽر ان مرض جي تشخيص نٿو ڪري سگهي، صرف ماهرِ نفسيات ڊپريشن جي مرض جي تشخيص ۽ ان جو علاج ڪري سگهي ٿو.

ٿر ۾ جنرل فزيشن جو تعداد به گهٽ آهي. اسپتالن ۾ ماهرِ نفسيات رکيل ناهن، جنهن جو منطقي نتيجو اهوئي ايندو آهي ته عورتن ۾ خودڪشيءَ جي شرح ۾ تشويشناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي. ڪميشن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي ذميداري آهي ته ان علائقي ۾ خودڪشيءَ جي سبب جي باري ۾ مستقل تحقيق ڪرائي. ان تحقيق جي نتيجي مطابق خاص طور تي عورتن ۾ ڊپريشن جي مرض جي خاتمي جي علاج جو انتظام ڪيو وڃي.

سهيل سانگي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم اُتي ئي حاصل ڪئي، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ روزگار جي تلاش ۾ حيدرآباد اچي ويو ۽ سنڌ يونيورسٽي مان انگريزي زبان ۾ ايم جي ڊگري حاصل ڪئي، سهيل سانگي صحافت جي پيشي ۾ آهي. هن جو ڳاڻيٽو اهڙن ڪجهه صحافين ۾ ٿيندو آهي، جيڪي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مهارت سان لکندا آهن. سهيل سانگي کاٻي ڌر جي تحريڪ ۾ رهيو، جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ ڪراچي مان گرفتار ٿيو ۽ ڄام ساقي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو. سهيل سانگي هڪ بلاڪ ۾ لکيو آهي ته ٿر ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿيو آهي، زبان، اٿڻ ويهڻ، رهڻي ڪرڻي، کائڻ پيئڻ ۽ ذريعه معاش به ان جو ڪارڻ آهي. حڪومتي قدمن کان وڌيڪ مسلسل قحط ۽ ڪميونيڪيشن ذريعا آهن. قحط جي ڪري ماڻهو مجبورن پنهنجي طور روزگار جي متبادل ذريعن جي تلاش ۾ هنن کي صوبي جي ٻين علائقن ۽ شهرن ۾ وڃڻو پوي ٿو. هڪ اندازي مطابق ٿر جا 20 هزار کان وڌيڪ ٻار حيدرآباد ۽ ڪراچي جي وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪندا آهن.

هو لکي ٿو ته مسلسل گهڻن سالن کان مينهن نه وسڻ ڪري ماڻهو گهٽ زمين کيڙڻ شروع ڪئي. ڀيل برادريءَ جا گهڻا ماڻهو لڏپلاڻ ڪندا آهن. ان برادريءَ جي ماڻهن مال پالڻ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي نگرپارڪر، ڇاڇرو ۾ صرف ٻڪريون ۽ رڍون پاليون وڃن ٿيون. اُهي به گهٽ تعداد ۾ آهن. ان جو رکڻ گهٽ ٿي ويو آهي. ان جي جاءِ تي ٻڪرا ۽ گڏهه پاليا ويندا آهن. اقتصادي ماهرن ان صورتحال کي غربت جي وڌندڙ شرح قرار ڏنو آهي. ماهر، خودڪشين جي وڌندڙ رجحان جو ذڪر ڪندي لکن ٿا ته انهن خودڪشين ۾ واڌارو ان علائقي ۾ وڌيڪ آهي، جتي معاشي سرگرميون وڌيون آهن. سهيل سانگيءَ جو اهو به چوڻ آهي ته خودڪشين جو هڪ وڏو ڪارڻ ڊپريشن آهي. ٿر هميشه کان پوئتي پيل رهيو. سهيل سانگي ٿر جي پوئتي هجڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ٿر جي 16 لکن جي آبادي لاءِ صرف ٻه ڪاليجز آهن، هڪ شاگردن جو ٻيو شاگردياڻين جو ۽ ٿر جي چئن تعلقن ۾ ڪوبه گرلز اسڪول ناهي. 2008 ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿي ته ٿر جي ترقيءَ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي دور ۾ ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو پروجيڪٽ شروع ٿيو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري اعلان ڪيو هو ته ٿر پاور پراجيڪٽ مان نه صرف ٿر جي قسمت بدلبي پر پوري سنڌ مان بجلي جي کوٽ ختم ٿي ويندي. ان ٿر ڪول ۽ پاور پلانٽ جي منصوبن کي پاڪستان ۾ اقتصادي راهداري ۾ شامل ڪيو ويو. ڪراچي کان اسلام ڪوٽ تائين هڪ بين القوامي معيار جو رستو تعمير ٿيو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ ورلڊ بينڪ جي مدد سان ڪيترا رستا تعمير ٿيا. پيپلز پارٽي ٿر سان تعلق رکڻ وارن هندن کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرشپ ڏني آهي. اهڙي طرح صوبائي ڪابينه ۾ به نمائندگي ڏني وئي. بلاول ڀُٽي زرداري ٿر ۾ وڏا جلسا ڪيا. انهن اڳواڻن چيو ته ٿر ۾ ترقيءَ جو عمل تيز ٿي چڪو آهي ۽ 10 سالن ۾ ٿر جو شمار ترقي پذير علائقن ۾ ٿيڻ لڳندو، پر ٿر ۾ مسلسل ڏڪار جي صورتحال رهي.

نون ڄمندڙ ٻارن جو مرڻ، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غيرحاضري سبب مريضن جي مرڻ جون خبرون وڌائي ڏنيون ويون. ٿر جي هڪ اهم خصوصيت مذهبي رواداري آهي، جيڪا پوري ملڪ جي لاءِ پُرامن زندگي گذارڻ جو رابطو آهي. پر جسٽس ماجده رضويءَ جي رپورٽ ۽ سينئر صحافي سهيل سانگيءَ جي مشاهدي مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ اربين رپيا خرچ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿي پر زميني حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته ٿر اڃا به پوئتي پيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو