ٿر۾ شڪارين جا ڪٽڪ پهچي ويا، وائلڊ لائف غائب

ڪلوئي (ن سنڌ يار) تعلقي جي مختلف علائقن ستون ميل ونگو ڪاجهر سميت پوري تعلقي ڪلوئي ۾ هن وقت شڪارين جا ٽولا لٿل آهن ان سلسلي ۾ هتي جي رهواسين عزيز هالو عبدالقيوم نهڙيو راضي خان لنڊ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وائلڊ لائف کاتو اگھور ننڊ ستل آهي پوري تعلقي ۾ تتر ، سهو،  تترن ۽ هرڻن جو شڪار ٿي رهيو آهي. علائقي جي سونهن بڻيل جهنگلي جيوت جو قتلام سري عام جاري آهي جڏهن ته ڪلوئي فارم جو رهواسي عبدالله کوسو ۽ سندس پٽ ڏينهن رات تترن جي شڪار ۾ لڳل آهن جيڪي چار سئو کان پنج سئو روپيا في تتر وڪرو ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻي طرف ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته گيم انسپيڪٽر گگر جي واپار ۾ ملوث آهن جنهن ڪري هو ڪڏهن به علائقي ۾ نٿا وڃن جنهن ڪري جهنگلي جيوت جو شڪار جاري آهي هتي جي رهواسين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور جهنگلي جيوت جو شڪار ڪندڙ شڪارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري جهنگلي جيوت کي تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو